SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


MRI

(click word to listen sound
  • 🔊
  • mri
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

MRI

ايم آر آءِ

ميگنيٽڪ ريزوننس اِميجنگ (magnetic resonance imaging) جو مخفف. ايم آءِ آر تشخيص ڪرڻ جو ھڪ طريقو ٿئي ٿو جيڪو عضون يا جسم جي ٻين بناوتن جا ڪراس سيڪشينل يا ٽه طرفا عڪس پيدا ڪري ٿو. مريض کي ھڪ اھڙي اسڪينر ۾ سمھاريو وڃي ٿو جنھن جي چوطرف ھڪ وڏو طاقتور مقناطيس ٿئي ٿو. پوءِ رسيونگ مقناطيس جسم جي ان حصي مٿان آڻجي ٿو جنھن جي جاچ ڪرڻي پوي ٿي. جيڪڏھن جسم جي ڪنھن وڏي حصي جھڙوڪ: پيٽ جو عڪس ڪڍڻو پوي ٿو ته رسيونگ مقناطيس، اسڪينر اندر ھنيو وڃي ٿو، پر ڪنھن ننڍڙي حصي جھڙوڪ: سنڌ لاءِ مقناطيس ان حصي جي چوگرد ھنيو وڃي ٿو. اسڪينر مان ھڪ طاقتور ميگنيٽڪ فيلڊ پيدا ٿي جسم جي ايٽمن کي ھڪ ٻئي جي سڌ ۾ پور وڇوٽ بيھاري ڇڏي ٿي. ريڊيائي لهرن جو ننڍيون لرزشون ڪجهه وقت لاءِ ايٽمن جي سلسلي کي ڊانواڊول ڪري ڇڏين ٿيون. پوءِ اھي جيئن ئي منظم ٿيڻ لڳن ٿيون ته ننڍڙا سگنل خارج ڪن ٿيون، ميگنيٽ اھي سمجهي انھن جي معلومات ڪمپيوٽر کي ڏئي ٿو جيڪو سگنلن جي بنياد تي انھن جي طاقت ۽ ماڳ جي حساب سان ھڪ عڪس پيدا ڪري ٿو. ايم آر آءِ جي عڪسن کي وڌيڪ چٽي ڪرڻ لاءِ ڪو ڪنٽراسٽ ميڊيم به استعمال ڪري جسم جي ڪنھن مخصوص جوڙجڪ جھڙوڪ ڳوڙھين ۽ رت نلين کي واضح ڪري سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

ٻاٻيهل

ذ. پکيءَ جو هڪ قسم. ڳيري جو هڪ قسم جنهن جا کنڀ ڳاڙهيري رنگ جا ٿين ۽ ڳچي هلڪي ماوي رنگ جي ٿئي ، ٻاٻيهو. صفت سهڻو ماڻهو ”اچن پرين پٻنگيا، ڪر ٻاٻيهَل مورا“ شاهه.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal