
Ménière’s disease
مينِيئرسِ ـ ڊزيز
اندرين ڪن جي ھڪ بيماري جنھن ۾ بار بار ڦيري (vertigo)، ٻوڙائپ (deafness) ۽ ڪنن جو وڄڻ (tinnitis) ٿي پوي ٿو. ان جو ڪارڻ لبرنٿ (labyrinth) ۾ پاڻيٺ جو ڀرجي وڃڻ ٿئي ٿو. لبرنٿ ۾ پاڻيٺ جي گڏ ٿي وڃڻ سبب ان کي نقصان پھچي سگهي ٿو ته ورلي ڀر وارو ڪوچليا (cochlea) به متاثر ٿي سگهي ٿو. عام طور تي بيماري 20 ۽ 25 سالن جي وچواريءَ عمر ۾ شروع ٿئي ٿي. ڦيريءَ جو اوچتو حملو ٿي ڪجهه منٽن کان ڪيترن ڪلاڪن تائين ھلي سگهي ٿو. عام طور تي ان سان گڏ اوڪارا، الٽي، نِسٽاگمس (nystagmus) ۽ ٻوڙائپ، ڪنن جو وڄڻ ۽ متاثر ڪن ۾ دٻاءُ يا سور محسوس ڪري سگهجي ٿو. تشخيص جو مدار، تڪليفن/ نشانين سان گڏ ورلي آڊيوميٽريءَ (audiometry، ڏسو، hearing test) يا ٻڌڻ جي ٻين تپاسن ۽ ھڪ ڪيلورڪ (caloric) تپاس رستي ڪجي ٿي. علاج لاءِ عام طور تي ڪن قسمن جي اينٽي ھسٽَمين (antihistamine) دوائن جھڙوڪ: سناريزين (cinnarizine) يا بيٽاھسٽين (betahistine) سان تڪليفون ختم ٿي وڃن ٿيون، جڏھن ته شديد حملن جي حالت ۾ پروڪلورپيرازائين (prochlorperazine) ڄڀ ھيٺان رکڻ، گديا ۾ وجهڻ يا انجيڪشن رستي ھڻي سگهجي ٿي. جڏھن مينِيئرس بيماري دوائن رستي ختم نٿي سگهي ته ان جو علاج، اندرين ڪن جي آپريشن رستي به ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏھن مڪمل ٻوڙائپ ٿي پوي ٿي ته عام طور تي ٻيو نشانيون ختم ٿي وڃن ٿيون.
ڪچو مياڻي ملوڪ
اسم خاص. تعلقي اُٻاوڙي ۾ هڪ ديهه جو نالو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal