SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Lymphatic system

(click word to listen sound
  • 🔊
  • limfætik
  • sistəm
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Lymphatic system

لمفيٽڪ سسٽم

لعابي شريان، سرشتو، بلغمي نظام


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Lymphatic system

لِم.فَيٽڪ ـ سسٽم

اھڙين نلين جو سرشتو (lymphatic vessels) جيڪي سڄي جسم جي ٽشوئن جي لِمف (lymph) رت جي وھڪري ۾ واپس وھائين ٿيون. لِمفَيٽيڪ سرشتو، اِميون (immune) سرشتي جو ھڪ حصو ٿئي ٿو ۽ ان جو مکيو ڪم جسم کي روڳ ۽ ڪينسر کان بچائڻ ٿئي ٿو. ھن سرشتي جو ڪنھن حد تائين ڪم آنڊي مان سڻڀ جذب ڪرڻ به ٿئي ٿو. جسم جا سڀ ٽشو لِمف ۾ تر رھن ٿا جيڪا ھڪ پاڻيٺ رت جي وھڪري مان حاصل ٿئي ٿي. ان پاڻيٺ جو گهڻو حصو وار نلين (capillaries) جي استر رستي رت جي وھڪري ۾ واپس ھليو وڃي ٿو (ڏسو، circulatory system) ته باقي لِمفَيٽڪي سرشتي رستي دل ڏانھن اماڻيو وڃي ٿو. جسماني سرگرميءَ دوران جڏھن مشڪ جي ڀيڪوڙ ان ناليءَ کي دٻائي ٿي ته لِمف، لِمفَيٽڪي نلين رستي گردش ڪري ٿي ۽ نلين ۾ موجود وال پڪ ڪن ٿا ته لِمف درست طرف ڏانھن وھي ٿي. لِمفَيٽڪي نلين ۾ لِمف نوڊ ٿين ٿا جن مان لِمف گذري ٿي. نوڊ، لِمف کي ڇاڻين ۽ روڳي/ بيماري پيدا ڪندڙن جيوڙن يا ٻين ڌارين جسمن کي سوگهو ڪري ڇڏين ٿا. نوڊن ۾ ڪيترائي لِمفوسائيٽ (lymphocytes) ٿين ٿا جيڪي رت جا اڇا سيل ٿين ٿا ۽ انھن جو ڪم حملي آور بئڪٽيريا ۽ وائرسن کي بي اثر يا ناس ڪري ڇڏڻ ٿئي ٿو. لِمفَيٽڪي سرشتي ۾ تري (spleen) ۽ ٿائيمس (thymus) به شامل ٿئي ٿو جيڪي لِمفوسائيٽ پيدا ڪن ٿا.


Remember Me Also:

رويو

ذ. چال چلت ، هَلڻِي چَلڻِي ، اُٿِي ويٺِي ، بَرتاءُ ، چالَ چَلَتَ ، نِشستِ وَ بَرخواستَ ، دُنيا سازِي ، رَوَشَ. طريقو ، دستورُ ، رِيتِ ، رَسَمَ ، نمونو. ظابِطو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal