
Lymph node
لِمف ـ نوڊ
ھڪ اھڙو ننڍڙو عضوو جيڪو لِمفَيٽڪي نليءَ جي تري سان ٿئي ٿو (ڏسو، lymphatic system) جنھن کي عام طور تي پر غلط الِمروج لِمف غدود سڏجي ٿو. لِمف نوڊَ سائيز ۾ گهڻا مختلف خوردبينيءَ رستي ڏسي سگهڻ جيترن کان 2.5 س.م جيترا ٿين ٿا. ڪنھن به لِمف نوڊ ۾ ٻاھران ھڪ سنھڙو، تاندوري خول ۽ اندران لِمفَوادي مادو (ٽشو) ٿئي ٿو. خول ۾ گهڙندڙ ڪيتريون ننڍڙيون لِمفي نليون ٿين ٿيون (جيڪي نوڊن ۾ لِمف رسائين ٿيون). ھر نوڊ ۾ سائنسِس (sinuses، وٿيون) ٿين ٿيون جن ۾ لِمف ڇڻبي رھي ٿي. لِمف جڏھن سائنسِس جي سوڙھن لنگهن مان گذري ٿي ته ان جو وھڻ آھستي ٿي وڃي ٿو، آھستي وھڻ سبب ميڪروفيجن (macrophages) کي ايترو وقت ملي وڃي ٿو ته اھي لِمف مان خوردبيني جيوڙا (microorganisms) ڇاڻي وٺن ٿا. لِمف نوڊ جا جرمينل مرڪز رت جا اڇا سيل جن کي لِمفوسائيٽ (lymphocytes) سڏجي خارج ڪن ٿا جيڪي پڻ روڳ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ھڪ وڏيءَ ناليءَ ۾ نوڊ جي لِمف موجود ٿئي ٿي.
ملڻو
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal