
Lung transplant
لنگ ـ ٽرانس.پلانٽ
جراحيءَ جو ھڪ اھڙو طريقو جنھن ۾ بيمار ڦڦڙ ڪڍي ان جي جاءِ تي ڪنھن عطيي ڏيندڙ جو پيوند ڪجي ٿو. عام طور تي ٻئي ڦڦڙ تبديل ڪجن ٿا جڏھن ته ورلي ڪو ھڪڙو به ڪجي ٿو. عام طور تي ڦڦڙ جي پيوندڪاري رڳو انھن فردن جي علاج طور ڪجي ٿي جيڪي ڦڦڙ جي بيماريءَ جي آخري مرحلي ۾ ھجن ٿا مثال طور؛ سِسٽڪ فائبروسس (custic fibrosis)، اِمفيسيما (emphysema) يا ڦڦڙ جي شديد ويسڪيولر (vascular) بيماري (ڦڦڙن جي رت نلين جون بيماريون). ورلي، پيدائشي ڦڦڙ جي بيماريءَ ۾ مبتلا ابھمن جي ڦڦڙ جي پيوندڪاريءَ رستي علاج ڪجي ٿو. انھن کي ڦڦڙ جي پيوندڪاريءَ مان مڪمل طور تي صحتياب ٿيڻ ۾ 6 مھينا يا وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو ۽ سڄيءَ عمر لاءِ لازمي طور تي اِميونوسَپريسنٽ (immunosupressant) دوائون کائڻيون پون ٿيون ته جيئن جسم پيوندي ڦڦڙ کي رد ڪري نه سگهي (وڌيڪ ڏسو، heart-lung transplant).
گلور بند ڪرڻ
شڪست ڏيڻ ، هيسائڻ ، دٻائڻ ، ڊپ ڏيڻ ، هِراس ۾ رکڻ ، چُپُ ڪرائڻ ، خوفزدو ڪرڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal