SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Liver transplant

(click word to listen sound
  • 🔊
  • livər
  • transplant
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Liver transplant

لِو.ر ـ ٽرانس.پلانٽ

بيمار جيري جي جاءِ تي ڪنھن عطيي ڏيندڙ فرد جو صحتمند جيرو پيوند ڪرڻ. جن فردن ۾ ڪرانڪ ايڪٽو ھيپيٽائيٽس (hepatitis) يا پرائمري بِليئري سِروسِس (biliary cirrohosis) سبب وڌي ويل لِور سروسس ھجي ٿي تن لاءِ علاج طور جيري جي پيوندڪاري گهڻي ڪامياب ٿئي ٿي. جن فردن کي جيري جي پرائمري ڪينسر ھجي ٿي تن کي عام طور تي جيري جي پيوندڪاري لاءِ گهٽ اھميت ڏجي ٿي. ڇاڪاڻ ته ڳوڙھيءَ جي وري پيدا ٿيڻ جا گهڻا امڪان ٿين ٿا. آپريشن دوران جيرو، پتو (gallbladder) ۽ رت ۽ پت (bile) نلين جا ڳنڍيل ڪجهه حصا ڪڍي ڇڏجن ٿا. عطيي ڏيندڙ جا عضوا ۽ نليون عطيي وٺندڙ جي نلين سان ڳنڍيا وڃن ٿا. نه ته نعم البدل طور جيري جو ڪو حصو پيوند ڪري سگهجي ٿو. جيئن ته جيرو وري پيدا ٿي سگهي ٿو ان سبب اھو حصو ھڪ عام رواجي جيري جي سائيز ۾ واڌ ڪري وڃي ٿو. پيوندڪاريءَ ڪرائڻ کانپوءِ ان فرد جي انتھائي نگهداشت واري ڪمري ۾ ڪجهه ڏينھن پرگهور لهجي ٿي ۽ 4 ھفتن تائين اسپتال ۾ رھڻو پوي ٿو.


Remember Me Also:

املهه ماڻڪ

ذ. بي بها هيرو ، قيمتي هيرو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal