
Liver failure
لِو.ر ـ فيل.يوئر
جيري (liver) جي ڪم جو شديد ناقص ٿي وڃڻ جيڪو اوچتو يا ڪنھن پراڻيءَ بيماري جي آخري مرحلن دوران ٿي سگهي ٿو. جيئن ته جيري جو ڪم رت ۾ موجود زھرن کي ٽوڙڻ ٿئي ٿو ان سبب جيري جي ناقص ھجڻ ڪري زھريلن مادن جو مقدار وڌي، ٻين عضون خاص طور تي مغز جو ڪم متاثر ڪري وجهي ٿو. جيري جو ناقص ھجڻ اَڪيوٽ (acute) يا ڪرانڪ (chronic) به ٿي سگهي ٿو. اَڪيوٽ واريءَ حالت ۾ ان جون نشانيون تڪڙيون پيدا ٿين ٿيون جن ۾ يادگيري جو متاثر ٿيڻ، پريشاني ۽ وائڙائپ کانپوءِ غشي پيدا ٿين ٿيون. ٻين عضون جا ڪم متاثر ٿي سگهن ٿا ۽ اڳتي ھلي سڪتو (coma) ۽ موت به اچي سگهي ٿو. ڪرانڪ لور فيلوئر جون نشانيون گهڻيون آھستي پيدا ٿين ٿيون جن ۾ يرقان (jaundice)، خارس، سولائي سان رڻجي پوڻ (bruising)، رتھير ٿيڻ، پيٽ ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ سبب سڄي وڃڻ، ھٿن جون تريون ڳاڙھيون ۽ مردن ۾ گائنيڪوماسٽيئا (gynaecomastia، ڇاتيون وڌي وڃڻ) ۽ خصين جو سسي وڃڻ شامل ٿين ٿيون. ڪرانڪ لور فيلوئر ھڪدم بدتر ٿي اَڪيوٽ لور فيلوئر ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. اڪيوٽ لور فيلوئر جي حالت ۾ پرگهور لاءِ ترت اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پوي ٿو. جيئن ته اڪيوٽ ۽ ڪرانڪ لور فيلوئر ۾ پھتل نقصان جو علاج سان سدباب ٿي نٿو سگهي تنھن ھوندي به ڪن اپائن وٺڻ سان جھڙوڪ: ڊائِيوريٽِڪ (diuretic) دوائن رستي پيٽ جي سوڄ گهٽائڻ سان تڪليف جي سنگيني گهٽائي سگهجي ٿي. الڪوحل جو سڀني حالتن ۾ استعمال بند ڪرڻو پوي ٿو. ڪرانڪ لور فيلوئر جي متاثر فردن جي پراگنوسس (prognoses، بيماريءَ جي اڳڪٿي) جو مدار ان جي ڪارڻ آھر مختلف ٿي سگهي ٿو. اڪيوٽ لور فيلوئر جي حالت ۾ زنده رھڻ جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ جيري جي پيوندڪاري (liver transplant) ضروري ٿئي ٿي.
لڄپت سان رهجي اچڻ
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal