SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Liver disease, alcoholic

(click word to listen sound
  • 🔊
  • livər
  • diziːz
  • ælkəhɔlik
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Liver disease, alcoholic

لِو.ر ـ ڊزيز ـ الڪوحل

الوڪوحل (alcohol) جي حد کان گهڻي واپرائڻ سبب جيري (liver) جو نقصان. الڪوحل جو جيترو گهڻو استعمال ڪبو رھبو اوترو جيري کي شديد نقصان پھچندو رھندو. ان جو شروعاتي اثر، سڻڀ ڦڙين جو جيري جي سيلن ۾ گڏ ٿيڻ ٿئي ٿو جنھن کي فيٽي لور (fatty liver) سڏجي ٿو. ان کانپوءِ الڪوحلي ھيپيٽائيٽس (alcoholic hepatitis) واري حالت پيدا ٿي، تباھي واڌ ڪندي سِروسس (cirrhosis) جو روپ وٺي ٿي. الڪوحل سان لاڳاپيل جيري جون بيماريون جيري جي ڪينسر (liver cancer) پيدا ڪرڻ جا خطرا وڌائين ٿيون. لِور فنڪشن ٽيسٽون (livr function tests) خاص قسم جا نقص ظاھر ڪن ٿيون ۽ جيري جي بايوپسي (biopsy) مان پھتل نقصان جي سنگينيءَ جي ڄاڻ رکي سگهجي ٿي. جيئن ته ان جو ڪو مخصوص علاج نٿو ٿئي پر الڪوحل کان پرھيز ڪرڻ سان وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي ٿو. اھو ممڪن ٿئي ٿو ته الڪوحل جي عادت کان بچڻ لاءِ علاج جي ضرورت پوي.


Remember Me Also:

اوج

ذ. [ع] بلندي ، مٿانهين. چوٽِي آسمان جي ،ڪاپار،سمت الراس. مٿانهون درجو ، مرتبو. عزت ، اقبال ، شان. ڪمال ، عروج. واڌارو ، ترقي. [سن. اوجس = تيج، روشني] ٻل ، سگهه ، همٿ. ڀرجهلو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal