SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Liver cancer

(click word to listen sound
  • 🔊
  • livər
  • kænsərəs
  • kænsər
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Liver cancer

لِو.رـ ڪينسر

جيري جي ڪينسري ڳوڙھي. اھا پرائمري (primary، جيري مان پيدا ٿيندڙ) ته سيڪنڊري (secondary، ڪنھن ٻئي ھنڌان وگهري عام طور تي معدي، لب لبه يا وڏي آنڊي) به ٿي سگهي ٿي.پرائمري ڳوڙھيءَ جا مکيا ٻه قسم ٿين ٿا: ھيپيٽوما (hepatoma) جيڪا جيري جي سيلن ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ ڪولِينجيوڪارسينوما (cholangiocarcinoma) جيڪا پت نالين (bile ducts) جي استر مان پيدا ٿئي ٿي. جيري جي ڪنھن به ڪينسر جي گهڻي عام نشاني بک نه لڳڻ، وزن گهٽجڻ، سستي ۽ ورلي پيٽ جي مٿين ساڄي پاسي ۾ سور ٿئي ٿو. بيماري جي آخري مرحلن ۾ يرقان (jaundice) ۽ جلندر (ascites) ٿي پوي ٿو. عام طور تي ڳوڙھين جي ڄاڻ الٽراسائونڊ اسڪيننگ رستي پوي ٿي ته پڪ جيري جي بايوپسي (liver biopsy) رستي ڪري سگهجي ٿي. ورلي ان جو علاج ھيپيٽوما کي مڪمل طور تي ڪڍي ڇڏڻ ٿئي ٿو. ٻين حالتن ۾ اينٽي ڪينسر (anticancer) دوائن رستي ان جي واڌ روڪڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. عام طور تي ممڪن نٿو ٿئي ته جيري جي سيڪنڊري ڪينسر جو علاج ڪري سگهجي جڏھن ته ڪن حالتن ۾ ڪنھن اڪيلي وگهر (metastasis) يا جيري جي ڪنھن لوب کي ڪڍي ڇڏڻ جي صلاح ڏني وڃي ٿي.


Remember Me Also:

واٽن ويهڻي

واٽنُ ويهِڻِي

ڇنال عورت، بدپيشه عورت.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal