
Leukaemia, chronic myeloid
ليو.ڪِي.ميا ـ ڪرانڪ ـ مايولوائڊ
ليوڪيميا جو ھڪ ورلي ٿيندڙ قسم جنھن کي ڪرانڪ گرينيولوسائيٽڪ ليوڪيميا (chronic granulocytic leukaemia) به سڏجي ان جي ٿيڻ جو ڪارڻ گرينيولوسائيٽن (granulocytes)، نيوٽروفلن (neutrophils) يا پاليمارفونيوڪليئر ليوڪوسائيٽن (polymorphonuclear leukocytes) جي حد کان وڌيڪ پيداوار ٿئي ٿي (ڏسو، blood cells). بيماري ٿيڻ جي ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي. عام طور تي ھن قسم جي ليوڪيميا جا ٽي مرحلا ٿين ٿا: ڪرانڪ فيز (chronic phase)، ايڪسِيلريٽيڊ فيز (accelerated phase) ۽ اَڪيوٽ فيز (acute phase). ڪرانڪ فيز دوران عام طور تي پيدا ٿيندڙ نشانيون معمولي ٿين ٿيون جن ۾ ھلڪو ٿڪ ۽ وزن جو گهٽجڻ شامل ٿي سگهن ٿا. ايڪسيلريٽيڊ فيز ۾ نشانيون گهڻيون واضح ۽ انھن ۾ ظاھر ٿيندڙ ٿڪ، وزن جي گهٽتائي ۽ پيٽ جو سور ٿي سگهن ٿا. اَڪيوٽ فيز دوران ساڳيون، اڪيوٽ ليوڪيميا واريون نشانيون پيدا ٿين ٿيون (ڏسو، leukaemia, acute). ڪرانڪ مائيلوائڊ ليوڪيميا جي تشخيص رت جي تپاسن ۽ ھڏي جي مک جي بايوپسي (biopsy) رستي ڪجي ٿي. علاج ۾ اسٽيم سيل (stem cell) يا ھڏي جي مک جي پيوندڪاري (bone marrow transplant)، اينٽي ڪينسر دوائون ۽ ممڪن ٿئي ٿو ته رت ڏيڻي پوي (blood transfusion).
ڪڙولو
ذ. ٻانهن ۾ وجهڻ جو هڪ ڳَههُ ، ڪَنگَڻُ. ڪڙين چڙهيل لَٺ ، لوڙَههَ. اسم خاص تعلقي. گهوڙا ٻاريءَ ۾ ديهه جو نالو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal