
Leukaemia, acute
لُو.ڪِي.مياـ اَڪيوٽ
ليوڪيميا جو ھڪ اھڙو قسم جنھن ۾ ڪچن يا اڻ رسيل اڇن سيلن جو انتھائي گهڻو مقدار جن کي بلاسٽ (blasts) سڏجي ھڏي جي مک ۾ پيدا ٿيندو رھي ٿو. جيڪڏھن اَڪيوٽ ليوڪيميا جو علاج نه ڪجي ته اھا ڪجهه ھفتن يا مھينن اندر موتمار ٿي سگهي ٿي. اھڙا غيرمعمولي سيل ٻن قسمن جا ٿي سگهن ٿا: لِمفوبلاسٽ (lymphoblast يا ڪچا لِمفوسائيٽ جھڙا اَڪيوٽ لِمفوبلاسٽڪ ليوڪيميا ۾ ٿين ٿا) ۽ مائيلوبلاسٽ (myeloblasts، اڇن سيلن جا ٻيا ڪچا قسم) جھڙا مائيلوبلاسٽڪ ليوڪيميا ۾ ٿين ٿا.ڪن قسمن جي ڪيميائي مادن (جھڙوڪ: بينزين ۽ ڪن اينٽي ڪينسر دوائن) يا شعاعن جي گهڻيءَ سطحن ۾ وائکي ٿيڻ سان انھن مان ڪن قسمن جي ڪينسر پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. موروثي پھلو به انھن جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، جن فردن ۾ ڪن قسمن جا موروثي نقص ٿين ٿا (جھڙوڪ: Fanconi’s anaemia and chromosomal abnormalities; Down’s syndrome ) تن ۾ انھن جا گهڻا ڪيس ٿين ٿا. جن فردن ۾ رت جا نقص ٿين ٿا جھڙوڪ: ڪرانڪ مائيلوائڊ ليوڪيميا (ڏسو، leukaemia, chronic myeloid) ۽ پرائمري پاليسِيٿيميا اھي وڌندڙ خطري ۾ رھن ٿا. ڇاڪاڻ ته انھن جي ھڏي جي مک اڳ ۾ ئي غيرمعمولي ھجي ٿي. اڪيوٽ ليوڪيميا جي نشانين ۾ مھارن مان رت وھڻ، سولائيءَ سان رڻجي پوڻ (bruising)، مٿي جو سور، ھڏي جو سور، لِمف نوڊن جو وڌي وڃڻ ۽ رت جي پوڻائيءَ (anaemia) جون نشانيون جھڙوڪ: ٿڪ، پيلاڻ ۽ ڪم ڪرڻ سان سھڪي پوڻ. روڳ (infections) به ھر ھر ٿي سگهن ٿا. تشخيص جو مدار رت جي تپاسن ۽ ھڏي جي مک (bone marrow) جي بايوپسي (biopsy) تي ٿئي ٿو. علاج لاءِ رت ۽ رت جا ريزا (platelets) ۽ اينٽي ڪينسري دوائون ڏيڻيون پون ٿيون ۽ ممڪن ٿئي ٿو ته ريڊيوٿراپي (radiotherapy) به ڪرڻي پوي. اسٽيم سيل (stem cell) يا ھڏي جي مک جي پيوندڪاريءَ جي به ضرورت پئجي سگهي ٿي. مريض جو مستقبل، ليوڪيميا جي قسم ۽ مريض جي عمر تي مدار رکي ٿو. ڪيموٿراپيءَ (chemotherapy) سان علاج جي ڪاميابي ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ 10 مان 6 ٻارڙا صحتمند ٿي وڃن ٿا جڏھن ته وڏن ۾ علاج سان مڪمل ڪامياب ٿيڻ جا گهٽ امڪان ٿين ٿا.
سهل انگاري
ث. تَن آساني ، آرام طلبي. ڪاهلي ، سُستي ، ٽوٽائي. حِيله جوئِي ، بهانا سازي.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal