ليگل پازيٽو زم
قانوني مڃتا جو نظريو
هي هڪ قانوني نظريو آهي، جيڪو بين الاقوامي قانون ۾ رياست طرفان هاڪاري انداز ۾ اڳڀرائيءَ وارن روين جي نشاندهي ڪري ٿو، بين الاقوامي قانون ۾ ڪابه رياست در اصل اهو ”ايڪو“ ”رُڪن“ يا ”فرد“ آهي، جيڪو قانوني طرح سان قومن جي برادريءَ ۾ قوم جي نمائندگي ڪندي ٻين قومن سان لاڳاپا رکڻ ۽ بين الاقوامي برادريءَ ۾ پنهنجا حق ۽ فرض ادا ڪرڻ جي ذميواري کڻي ٿو. ان جي اُبتڙ مشهور فرد، يا ادارا، ڪارپوريشنون تنظيمون وڏا دائرا هوندي به رياستي تصديق جون محتاج آهن، اڻويهين صديءَ ۾ متعارف ٿيل هيءُ نظريو ان دور ۾ ”منطقي ايجابيت“ جي عروج، قومن جي قانون جي جوڙ جڪ ۽ فردن ۽ رياستن بابت قانونن جي ذريعي بين الاقوامي قانون جي قيام جي صورت ۾ نروار ٿيو، ان جي نتيجي ۾ ڪا به رياست عالمي سطح تي معاهدا ڪرڻ، بين القوامي قانون جي ڀڃڪڙيءَ خلاف دعويٰ داخل ڪرڻ ۽ قانون موجب حاصل مراعتون ۽ فائدا حاصل ڪرڻ جي لائق بنجي سگهندي آهي
هڏي ڪڍڻ
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal