
Leg ulcer
ليگ ـ السر
ٽنگ جو ھڪ اھڙو کليل ڦٽ جيڪو ڇٽي نٿو سگهي جنھن جو عام ڪارڻ متاثر حصي ڏانھن يا کان رت جي اڻ پوري گردش ٿئي ٿي. السر جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا جھڙوڪ: وينَس السر (venous ulcer، ان کي ويريڪوس السر varicose ulcer يا اسٽيٽس السرstasis ulcer به سڏجي) عام طور تي مُرن ۽ ٽنگن جي ھيٺين حصن تي، نسن جي والن جي ڪم نه ڪرڻ سبب پيدا ٿئي ٿي، گهڻي ڀاڱي ويريڪوس وينس (varicose veins) سان گڏ پيدا ٿئي ٿي. بيڊ سورس (bed sores سبب پيدا ٿيندڙ السر کي ڊيڪُيوبيٽس decubitus ulcers سڏجي) ٽنگن جي دٻاءَ پوندڙن حصن تي اڻ پوري گردش سان گڏ، دٻاءَ ۽ ڊگهي وقت کانوٺي چرپر نه ڪرڻ سبب پيدا ٿئي ٿي. ٽنگن جي السر، پيريفيرل ويسڪيولر ڊزيز (peripheral vascular disease) ۽ ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) سبب به پيدا ٿي سگهي ٿي. استوائي علائقن ۾ ڪن قسمن جا روڳ به ٽراپيڪل السر (tropical ulcer) پيدا ڪري سگهن ٿا.
ڏٽڻ
مصدر. دَٻي ڀَرِڻ ، زور سان ڀَرِڻُ ، مُنهَان تار ڪرڻ ، ڀرڻ ، دَٻاڙِڻ ، ڦُسِڻ. ڪنهن به شئي جو ٻُوٿُ يا وات بند ڪرڻ ، ٻُنجو ڏيڻ ، ٻُنجڻُ ، ٻُوچ ڏيڻ ، لِيڙو ڏيڻ ، ڏَٽو ڏيڻ. کَڏَ کوٽي منجهس بند ڪرڻ ، زمين ۾ پورڻ ، دفن ڪرڻ. هه. ڏاٽنا.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal