ليگ آف نئشنس
قومن جي مجلس
1920ع تي دنيا جي قومن وچ ۾ تڪرار جي امن ڀريي حَلَ ۽ سهڪار وڌائڻ لاءِ، هي ادارو جوڙيو ويو. جيتوڻيڪ بظاهرهن اداري جو قيام آدرش وادي نظرين تحت پيو، پر ورسليز جو معاهدو (1919ع) ، پهرين مهاڀاري لڙائي ۽ طاقت جي توازن وارا معاملا هن اداري جي بنياد جو اصل ڪارڻ سمجهيا وڃن ٿا.هن اداري جي قيام ۾ دنيا جي سڀني ڳڻپ جوڳين طاقتن ڪا گهڻي سرگرمي ته نه ڏيکاري، پر ان جي قيام سبب بين الاقوامي تعلقات ۾ هڪ نئون موڙ ضرور آيو. ان سان عالمي سطح تي ادارا ٺاهڻ ۽ قومن کي يڪجهتو ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڳڀرائي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي گڏيل قومن جو ادارو به وجود ۾ آيو. ” قومن جي مجلس“ جا ٽي اهم هيٺيان جُز هئا :
(1) پندرنهن ميمبرن (انهن مان چار يعني فرانس ، برطانيا ۽ سوويت يونين مستقل ميمبر هئا . جڏهن ته آمريڪا پنجين مستقل ميمبر طور حصو بنجڻ کان انڪار ڪيو ) تي ٻڌل هڪ ” ڪائونسل“ جڙي ، جيڪا هر سال ٽي دفعا گڏجاڻي ڪري بين الاقوامي برادريءَ کي در پيش مسئلن تي ويچارڪندي هئي .
(2) سڀني ميمبرن تي ٻڌل ’اسيمبلي‘ وجود ۾ آئي،جيڪا هر سال هڪ ڀيرو ڪٺي ٿي، اهم عالمي مسئلن تي بحث مبا حثو ڪندي هئي.
(3) بين الاقوامي ڪامورن تي ٻڌل”سيڪريٽيريئيٽ“ جُڙي، جيڪا مجلسن جي انتظامي معاملن جي سار سنڀال لهندي هئي
هن تنظيم جو بنياي مقصد بين الاقوامي سلامتيءَ کي ممڪن بنائڻ جي سلسلي ۾ سڀني قومن جي حصيداري ڪرائڻ هو. هن پاليسيءَ مطابق ڪنهن به تڪراري معاملي جي حل لاءِ ان کي ”مجلس“ يا ان طرفان مقرر ڪيل ”امينن“ ڏانهن اُماڻيو ويندو، جيڪي ڇهن مهينن اندر لاڳاپيل مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. ناڪاميءَ جي صورت ۾ ٽي مهينا اوسئيڙيءَ کانپوءِ شڪايتي ڌُر جنگ ڪرڻ ۾ مکياري هوندي . ان ڏس ۾ ’بين القوامي انصاف لاءِ قائم ڪيل مستقل عدالت‘ (PCIJ) ’مجلس‘ جو حصو نه هوندي به ان سان سهڪاري بڻي . امن ڀري دنيا جي قيام لاءِ ”مجلس“ طرفان هڪ ميثاق (Covenant) به جوڙيو ويو، جنهن جي آرٽيڪل- 16 مطابق، ڪنهن به رياست طرفان اڳرائيءَ جي صورت ۾ تنظيم کي مٿس معاشي ۽ فوجي پابنديون هڻڻ جا اختيار مليا. ان کان سواءِ انتظام سنڀالڻ جو اختيار (Mandate System) ، هٿيار گهٽائڻ (Disarmament) ۽ معاشي توڙي سماجي سهڪار جي حوالي سان به هن تنظيم ڳڻپ جوڳو ڪردار نڀايو
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal