
گوڏو
گوڏو
گرامر noun
- اسم
گوڏو
Knee
نِي
گوڏو، سٿريئي (femur/thighbone) ۽ ٽبيا (tibia/shin) جو وچوارو ان جي سي سنڌ (hinge joint) ٿئي ٿو. گوڏي جي ڍڪڻي (patella/kneecap) سنڌ جي سامھون ٿئي ٿي. بچاءَ لاءِ ٻه ڪارٽيليجي پتريون جن کي مينيسي (menisci، ڏسو، meniscus) سڏجي فيمر ۽ ٽبيا جي مٿاڇري کي ڍڪيندڙ ٿين ٿيون ته جيئن گاٺ گهٽ ٿي سگهي. برسا (bursas، پاڻيٺ ڀريل ڳوٿريون) ڍڪڻيءَ جي مٿان، ھيٺان ۽ پٺيان ٿين ٿيون. سنڌ جي ھر پاسي کان موجود ٻاھريان جوٽا (ligament) جهل ڏين ٿا. سنڌ ۾ موجود ڪروسيئيٽ ٻنڌي (cruciate ligament) گوڏي کي حد کان وڌيڪ سڌي ٿيڻ ۽ حد کان وڌيڪ ورڻ کان بچائي ٿي. سٿر جون سامھون واريون چؤپاڙيون (quadriceps) مشڪون گوڏي کي سڌو ڪن ٿيون ۽ پٺيان واريون ھيمسٽرنگ (hamstring) ورائين ٿيون. گوڏي جا ڌڪ عام لڳن ٿا جنھن ۾ ٻنڌين جي موچ، مينيسِڪس جو ڇڄڻ، ڍڪڻيءَ جو ٿڙي وڃڻ ۽ سنڌ جي ڪنھن به ھڏي جو ڀڄي پوڻ شامل ٿين ٿا. ڪانڊروميليشيا پيٽيلي (chondromalacia patellae، گوڏي جو سور) وڏڙن ۾ عام ٿي پوي ٿي.
Related words with: Knee
چار ديواري
ث. چئن ڀتين جي اندر جاءِ. گهَرُ. قلعو ، شهر جي چوڌاري وڏي ديوار ، عالَم پَناههَ. بچاءَ جو ڪوٽ گهر يا شهر جي چوڌاري ، گهيرو ، اِحاطو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal