
Kidney failure
ڪڊ.ني ـ فيليوئر
بڪين جو ناقص ٿيڻ يا ڪم ڪرڻ گهٽجي وڃڻ. بڪيءَ جو ناقص ھجڻ شديد (acute) يا دائمي (chronic) به ٿي سگهي ٿو. بڪيءَ جي شديد ناقص ھجڻ جي حالت ۾ بڪيءَ جو ڪم وري عام طور تي تڏھن بحال ٿي وڃي ٿو جڏھن ان جي اصلي ڪارڻ جي جاچ ۽ علاج ڪجي ٿو، بڪيءَ جي پراڻي ناقص ھجڻ واريءَ حالت ۾ ان جو ڪم عام طور تي بحال ٿي نٿو سگهي. بڪيءَ جي پراڻي ناقص ھجڻ جي ڪارڻن ۾ شامل ٿين ٿا بڪين ڏانھن رت جي دوريءَ جي رسد جي شديد ڪمي جيئن سڪتي (shock) جي صورت ۾ ٿئي ٿو، پيشاب جي وھڪري ۾ رڪاوٽ مثال طور؛ مثاني جي ڳوڙھي (bladder tumor) يا بڪيءَ جون ڪن قسمن جون تيزيءَ سان وڌندڙ بيماريون جھڙوڪ: گلوميريولونيفرائيٽس (glomerulonephritis). ڪرانڪ ڪڊني فيلوئر جو ڪارڻ ڪا به اھڙي بيماري ٿي سگهي ٿي جيڪا بڪين کي آھستي آھستي تباه ڪندڙ ھجي جھڙوڪ: ھائپرٽينشن (hypertension)، ذيابيطس ميلائيٽس (diabetic mellitus)، پيشاب جي وھڪري ۾ گهڻي وقت کان رھندڙ رڪاوٽ ۽ سور گهٽائيندڙ (analgesics) دوائن جو حد کان وڌيڪ استعمال. عام طور تي اڪيوٽ ڪڊني فيلوئر/ اڪف جي ھڪ گهڻي ظاھر نشاني اوليگيورا (aliguria) ٿئي ٿي. جنھن سبب رت ۽ ٽشوئن ۾ يوريا ۽ ٻيا غلاظتي مادا گڏ ٿيڻ سبب غشي، اوڪارا ۽ ساه جي تڪليف پيدا ٿئي ٿي. ڪرانڪ ڪڊني فيلوئر جون نشانيون گهڻيون آھستي پيدا ٿين ٿيون ۽ انھن ۾ شامل ٿين ٿيون اگهائپ، اوڪارا، بک مري وڃڻ ۽ ڪمزوري. جيڪڏھن اڪف جو ڪارڻ رت جي وھڪري ۾ اوچتي گهٽتائي اچڻ ھجي ته، رت جي مقدار ۽ پريشر کي عام رواجي حالت ۾ آڻڻ لاءِ انٽراوِينس انفيوزن (intravenous infusion) يا بِلڊ ٽرانسفيوزن (blood transfusion) رستي بحال ڪري سگهجي ٿو. پيشاب نليءَ ۾ رڪاوٽ ھجي ته ان کي آپريشن رستي خارج ڪري سگهجي ٿو. اڪف ڊزيز جو ڪورٽيڪوسٽِيروائڊ (corticosteroid) دوائن سان علاج ڪري سگهجي ٿو. علاج لاءِ ڊائِيوريٽڪ (diuretic) دوائون به ڏئي سگهجن ٿيون ته عارضي ڊائليسس (dialysis، رت جي مصنوعي طريقي سان صفائي) به ڪرائي سگهجي ٿي. بڪيءَ جي ٻنھي قسمن جي نقصن ھجڻ جي حالت ۾ ڪاربوھيڊريٽ سان مالامال ۽ گهٽ پروٽين وارين غذائن سان گڏ پاڻيٺ ۽ لوڻ جو توري تڪي استعمال ڪرڻ ضروري ٿئي ٿو. ڪرانڪ ڪڊني فيلؤر/ ڪڪف ڪيترن مھينن تائين آھستي آھستي وڌندي بڪيءُ کي تباھيءَ جي آخري مرحلي ۾ پھچائي زندگيءَ لاءِ موتمارٿي سگهي ٿي. ان مرحلي ۾ ڊگهي عرصي تائين ٿيندڙ ڊائليسس يا بڪيءَ جي پيوندڪاري ئي رڳو اثرائتو علاج ٿي سگهي ٿو. ٻنھي اڪيوٽ ۽ ڪڪف جي حالت ۾ ھائپرٽينشن ۽ ذيابيطس ڏانھن ڀرپور ڌيان ڏيڻ ضروري ٿئي ٿو.
بنگ
ذ. [سن. وَنگَ] قَلعِيءَ جو ڪُشتو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal