SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Kidney disorders

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kidniː
  • disɔːdəz
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Kidney disorders

ڪڊ.ني ـ ڊس.ئارڊرس

بڪيون تمام گهڻن مسئلن ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿيون. جيئن ته سٺيءَ صحت قائم رکڻ لاءِ رڳو ھڪ عام رواجي بڪيءَ جو ھجڻ گهربل ٿئي ٿو، تنھنڪري تيستائين ڪا به بيماري زندگيءَ لاءِ موتمار ٿي نٿي سگهي جيستائين ٻنھي بڪين کي متاثر ڪري انھن کي بدتر ڪري نٿي ڇڏي. بڪين جا موروثي نقص جھڙوڪ: ھارس شو ڪڊني (horseshoe kidney) گهڻي عام ٿئي ٿي ۽ عام طور تي بي مضر ٿئي ٿي. سنگين موروثي نقصن ۾ پاليسِسٽڪ ڪڊني ڊزيز (poltcystic kidney disease)، فانڪونيس سنڊروم (Fanconi’s syndrome) ۽ رينل ٽيوبيولر ايسِيڊوسس (renal tubular acidosis) ٿين ٿا. بڪين جون رت نليون سڪتي (shock)، ھيمولائيٽڪ ـ يوريمِڪ سنڊروم (haemolytic-uraemic syndrome)، پالي آرٽيرائيٽس نوڊاسا (polyarteritis nodosa)، ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) ۽ سِسٽيمڪ لُوپس اَريٿيميٽوسس (lupus erythematosus) سبب تباه ٿي سگهن ٿيون. ڇاڻ گهر سوزشي ٿي سگهن ٿا (ڏسو، glomerulonephritis). دوائن سبب پيدا ٿيندڙ الرجيءَ جا ردعمل، سور گهٽائيندڙ دوائن رستي ڊگها علاج ۽ ڪن قسمن جون اينٽيبياٽڪ (antibiotics) دوائون بڪين جي نلين کي ناس ڪري سگهن ٿيون. بڪين جون اَڪينسري ڳوڙھيون (tumour) بڪيءَ جي ڪينسر (kidney cancer) جيان ورلي پيدا ٿين ٿيون. ميٽابولي نقص جھڙوڪ: ھائپريورِيسيميا (hyperuricaemia) بڪين جو پٿريون پيدا ڪري سگهن ٿيون (ڏسو، calculus, urinary tract). بڪيءَ جي روڳ کي پائِيلونيفرائيٽِس (pyelonephritis) سڏجي ٿو. ھيڊرونيفروسس (hydronephrosis) ٿيڻ جو ڪارڻ پيشاب نليءَ ۾ رڪاوٽ ٿئي ٿي. ڪرش سنڊروم (crush syndrome) ۾ بڪين جي ڪم ۾ ان سبب خلل پيدا ٿئي ٿو ته تباه ٿيل مشڪن مان پروٽينون رت ۾ خارج ٿين ٿيون. بڪيءَ جي تباه ٿيڻ ۽ ان جي متاثر ڪرڻ جو ھڪ ڪارڻ ھائپرٽينشن (hypertension) به ٿي سگهي ٿو. بڪيءَ کي تباه ڪرڻ جي ٻين سنگين مسئلن ۾ نيفروٽڪ سنڊروم (nephrotic syndrome) ۽ بڪيءَ جو ناقص ٿي وڃڻ (kidney failure) شامل ٿين ٿا.


Remember Me Also:

پنهون ڀٽي

اسم خاص. تعلقي ڳڙهي خيري ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal