SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Kidney cyst

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kidniː
  • sist
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Kidney cyst

ڪڊ.ني ـ سسٽ

بڪيءَ ۾ ڪنھن پاڻيٺ ڀريل ڳوڙھيءَ جو ھجڻ. بڪين جون گهڻي ڀاڱي سسٽون اَڪينسري (noncancerous) ٿين ٿيون. عام طور تي 50 سالن کان وڏيءَ عمر جي فردن ۾ پيدا ٿين ٿيون ۽ ڪنھن ھڪ يا ٻنھي بڪين ۾ ھڪڙي يا گهڻيون موجود ٿين ٿيون. ڪيتريون سِسٽون بنا ڪارڻ جي پيدا ٿين ٿيون ۽ تيستائين نشانيون پيدا نٿيون ڪن جيستائين ايتريون وڏيون ٿي نٿيون وڃن جو چيلهه جي ھيٺين حصي ۾ سور ۽ دٻاءُ پيدا نٿيون ڪن. جڏھن ته بڪين جي سسٽن جو ھڪ وڏو انگ پاليسِسٽڪ ڪڊني ڊزيز (polycystic kidney disease) سان لاڳاپيل ٿئي ٿو (ڏسو، kidney, polycystics) جنھن سبب عام طور تي بڪي ناڪاره (kidney failure) ٿي وڃي ٿي. عام طور تي سادين سِسٽن جي علاج جي ضرورت نٿي ٿئي، پر جڏھن ڪا سسٽ سور پيدا ڪندڙ يا وري وري ٿي پوندڙ ھجي ٿي ته ايسپائِريشن (aspiration، پاڻيٺ ڪڍڻ) يا آپريشن رستي ان کي خارج ڪري سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

دٻ ڦس ڪرڻ

زور مس ڪري مڃائڻ يا لاچار ڪرڻ ، زوري قبول ڪرائڻ ، بي قاعدگي ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal