
Kidney cancer
ڪڊ.ني ـ ڪينسر
بڪيءَ جي ڪا به ڪينسري ڳوڙھي. بڪيءَ جي گهڻي ڪينسر بڪيءَ مان ئي پيدا ٿئي ٿي. جڏھن ته ورلي، ڪنھن ٻئي عضوي مان به ڪينسر وگهري بڪيءَ تائين رسي وڃي ٿي. بڪيءَ جي ڪينسر جا مکيا ٽي قسم ٿين ٿا. انھن ۾ ھڪ گهڻي عام رينل سيل ڪارسينوما (renal sell carcinoma) عام طور تي 40 سالن کان وڏيءَ عمر جي فردن ۾ ٿئي ٿي. نيفروبلاسٽوما (nephroblastoma/Wilms’ tumour) تيزيءَ سان واڌ ڪندڙ ڳوڙھي ٿئي ٿي جيڪا گهڻي ڀاڱي 5 سالن کان ننڍيءَ عمر جي ٻارڙن کي ٿئي ٿي. ٽرانزيشنل سيل ڪارسينوما (transitional cell carcinoma)، رينل پيلوس جي سيلن جي استر مان پيدا ٿئي ٿي، تماڪ ڇڪيندڙ ۾ گهڻي عام ٿئي ٿي يا انھن ۾ جيڪي ھڪ ڊگهي وقت کان سور گهٽائيندڙ (analgesics) دوائون استعمال ڪندڙ ٿين ٿا. بڪيءَ جي ڪينسر جون مختلف نشانيون ٿين ٿيون. اوائل ۾ بنا نشانين جي ٿين ٿيون جڏھن ته اڳتي ھلي پيشاب ۾ رت اچي سگهي ٿي. بڪيءَ جي سڀني قسمن جي ڪينسر جي حالت ۾ متاثر بڪي کي آپريشن رستي ڪڍي ڇڏڻو پوي ٿو ته ورلي، ان سان گڏ گردي جي نلي (ureter) ۽ مثاني جو ڪجهه حصو به. ريڊيوٿراپي (radiotherapy) يا ڪيموٿراپي (chemotherapy) به ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏھن بڪيءَ کي خارج ڪري سگهڻ ممڪن نٿو ٿئي ته ان جي ٻين مکيارين ۾ ايمبُولائيزيشن (embolization)، ريڊيوٿراپي (radiotherapy)، ڪيموٿراپي ()chemotherapy ۽ بائلاجيڪل ٿراپي (biological therapy) ڪجي ٿي. بڪيءَ جي ڪينسر تڏھن موتمار ٿي سگهي ٿي جڏھن ان جي علاج شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ اھا ٻين عضون ڏانھن وگهري ويئي ھجي.
هپ
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal