
Kidney, imaging
ڪڊ.ني ـ اِمَي.جنگ
اھڙا طريقا جن رستي عام طور تي بڪين جي تشخيص ڪري سگهجي. الٽراسائونڊ اسڪيننگ (ultrasound scanning) رستي بڪين جي واڌ، سسٽ (cysts) يا ڳوڙھيءَ ۽ ڪنھن به ھنڌ تي ٻنج ھجڻ جي ڄاڻ رکي سگهجي ٿي. عام رواجي ايڪسري رستي بڪين جي خاڪَي ۽ بڪيءَ جي ڪيترن پٿرين ھجڻ جي خبر پوي ٿي. انٽراوينس يوروگرافي (intravenous urography) رستي بڪيءَ ۽ گردي جي نلين (ureters) جي اندرين جوڙجڪ جي ڄاڻ پوي ٿي.اينجيوگرافيءَ (angiography) مان ٿيندڙ رت جي گردش جو پتو پوي ٿو. سي ٽي اسڪيننگ (CT Scanning) ايم آءِ آر (MRI) سان نه رڳو ڪراس ـ سيڪشنل عڪس تفصيل سان حاصل ٿين ٿا ته ڳڙھن (abscesses) يا ڳوڙھين (tumours) جي موجودگيءَ جي به ڄاڻ پوي ٿي. بڪين لاءِ ٻن قسمن جا ريڊيونيوڪلائيڊ اِسڪيننگ (radionuclide scanning) استعمال ڪجن ٿا: ڊي ايم ايس اَي (DMSA) ۽ ڊي ٽي پي اي/ ايم اي جي 3 اسڪيننگ (DTPA/MAG3 scanning).
پرچائڻ
فعل متعدي. سَرچائڻ ، پِرڀائڻ ، راضي ڪرڻ. ٺاهه ڪرائڻ ، سلوڪ ڪرائڻ. وندرائڻ. ماٺ ڪرائڻ ، مڃائڻ ٻار کي. ريجهائڻ. بند ڪرڻ دڪان وغيره.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal