SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Kawasaki disease

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kawasaki
  • diziːz
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Kawasaki disease

ڪا.وا.ساڪي ـ ڊزيز

ھڪ ورلي، اڻ ڄاتل ڪارڻ سبب ٿيندڙ شديد بيماري گهڻي عام 5 سالن کان ننڍيءَ عمر جي ٻارن کي متاثر ڪري ٿي، بخار ڪري ٿي جيڪو 1 کان 2 ھفتن تائين ھلي ٿو، اکين جو اٿڻ (conjunctivitis)، چپ خشڪ ٿي، ڦُٽي ۽ ڦاٽي پون ٿا، ڳچيءَ جا لِمف نوڊ سڄي پون ٿا، ھٿن پيرن جون تريون ڳاڙھيون ٿي وڃن ٿيون ۽ جسم تي عام ڳاڙھا نشان پيدا ٿي پون ٿا. بيماريءَ جي آخر ۾ ٻئي ھفتي دوران ھٿن پيرن جي آڱرين جي چوٽين جي چمڙي لهي وڃي ٿي ۽ ٻيون تڪليفون گهٽجي وڃن ٿيون. اٽڪل 5 مان 1 فرد جي دل جي مشڪ ۽ ڪورونري (coronary) شريانون متاثر ٿين ٿيون. گاماگلوبيولن (gammaglobulin) جو وڏو وزن ۽ ايسپرِن (aspirin) ڏيڻ سان دل سان لاڳاپيل پيچيدگين کان بچي سگهجي ٿو. ڪيترا ٻار ھن بيماريءَ مان مڪمل طور تي بحال ٿي وڃن ٿا.


Remember Me Also:

مٺ ڀيڪوڙ ڪرڻ

مُٺِ ڀِيڪوڙ ڪَرڻُ (ت)

مُٺ ڀيڙڻ. خرچ ۾ گهٽتائي آڻڻ، خرچ گهٽائڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal