SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Kaposi’s sarcoma

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kaposi’s
  • sɑːkoumə
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Kaposi’s sarcoma

ڪپو.سِي.سِ سار.ڪوما

ھڪ ڪينسري ڳوڙھي عام طور تي چمڙيءَ جي رت نلين مان پيدا ٿئي ٿي. ڪپوسيسِ سارڪوما عام طور تي ائڊس (AIDS) ۾ مبتلا يا انھن فردن کي ٿي پوي ٿي جن جو اِميون سرشتو ڪمزور ھجي ٿو ۽ ھرپيز وائرس جي مخصوص وائرس سان لاڳاپيل ٿئي ٿي. اھي ڳوڙھيون گلابي ناسي، اڀريل ڪنارن يا تراکڙن چٽن سان ٿين ٿيون ۽ تيزيءَ سان پکڙجي سگهن ٿيون. عام طور تي پيرن ۽ مُرن تي پيدا ٿي ٽنگن ڏانھن پکڙجي وڃن ٿيون ۽ پوءِ ھٿن ۽ ٻانھن تي ظاھر ٿي پون ٿا. ڳوڙھيون گئسٽروانٽِسٽائينل ۽ ساه لنگهن کي به متاثر ڪري جسم اندر شديد رتھير ڪرائي سگهن ٿيون. چمڙيءَ جي داغن جو ريڊيوٿراپيءَ (radiotherapy) رستي علاج ڪري سگهجي ٿو. بيماري چمڙيءَ تي گهڻي پکڙيل ھجي يا جسم اندر داغ ھجن ته انٽي ڪينسر (anticancer) دوائون يا بائلاجيڪل ٿراپي (biological therapy) ڪري سگهجي ٿي.


Remember Me Also:

سورهائي

ث. دِليري ، پهلواني ، بهادري ، شجاعت ، طاقت ، سورمائي ، شهه زورائي ، بي ڊپائي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal