SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Junta

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • dʒʌntə

From the Dictionary of International Relations:

Junta

جنتا

گروهي راڄ

اسپيني زبان جي هن لفظ جي لُغوي معنيٰ ”انتظامي ڪائونسل يا بورڊ“ آهي. اسپين ۾ اهڙا ادارا 1808ع ڌاري نئپوليني قبضي وارن ڏهاڙن ۾ سندس خلاف ڪيل اُپٻيٽي لڙائيءَ دوران جُڙيا. سياسي اصطلاح ۾ هاڻي ان محاوري جو استعمال ”فوجي حڪومت“ جي قيام ۾ اچڻ جي حوالي سان ٿئي ٿو. فوجي حڪومت مختلف روپن ۾ وجود ۾ اچي ٿي، پر ”جنتا“ جي حوالي سان فوجي حڪومت جو مثال لاطيني آمريڪا ۾ ڪثرت سان ملي ٿو. اسپيني ۽ پورچوگيز تسلط کان آزاد ٿيڻ کانپوءِ جڏهن اُتي سازشي طريقن سان فوجي حُڪومتون قائم ڪيون هيون ته”جنتا“ مشهور اصطلاح انهن فوجي حڪومتن ۾ مڙني هٿياربند فوجن مان تقريباً هڪجهڙا مرتبا ۽ عهدا رکندڙ آفيسر شامل هوندا هُئا. اڄڪلهه هن اصطلاح مان مُراد ڪا اهڙي حڪومت آهي، جيڪا ڪنهن به هڪ اعليٰ اختياراتي ڪمانڊر جي هٿ هيٺ ڪم ڪري ۽ کيس هٿياربند فوجن جي مڪمل ٽيڪ حاصل هُجي. چليءَ ۾ جنرل پنوشي (1973ع) ۽ پاڪستان ۾ جنرل ضياءُ (1977ع) جون آمر فوجي حڪومتون ان سلسلي ۾ مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿيون


Remember Me Also:

وجهڻ

وِجهَڻُ

مصدر. ’ڪڍڻ‘ جو ضد. اندر ڪرڻ . ۾ رکڻ، اندر ڦٽو ڪرڻ. داخل ڪرڻ، اوتڻ، پائڻ، نٽائي وجهڻ، هارڻ. داخل ڪرڻ. ڪيرڻُ. ڪوٺيءَ ۾ بند رکڻ يا پُورڻ. سُئِي ۾ سڳو. قلمبند ڪرڻ، درج ڪرڻ. ٿيڪڻ، تلوار مياڻ ۾ رکڻ. (وڌو، وجهندو، وِڌل).

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal