SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Jungian theory

(click word to listen sound
  • 🔊
  • jungian
  • θiəriː
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Jungian theory

ھڪ سِوس سائنسدان ڪارل گستاو جُنگ (Carl Gustav Jung, 1875–1961) جا پيش ڪيل خيال. ھن نظريو پيش ڪيو ته ڪي خيال (جن کي آدي روپ archetypes سڏجي)، جڏھن ڪنھن فرد جي ڏور ماضيءَ جي تجربي مان ورثي ۾ ملن ٿا ته اھي سندس لاشعور ۾ موجود ھجن ٿا ۽ انھن کي ايئن ڪنٽرول ۾ ڪجي ٿو جيئن اھو فرد دنيا کي سمجهي ٿو. جُنگ انھن گڏيل خيالن کي ”ڪليڪٽو اِنڪانشس“ (collective inconscious) سڏيو. جُنگ جو ويساه ھو ته ھر فرد جو پنھنجو به ھڪ ”ذاتي لاشعور“ (personal unconcious) ٿئي ٿو جنھن ۾ سندس زندگيءَ جا پنھنجا تجربا شامل ٿين ٿا، جڏھن ته ھن ڪليڪٽو شعور کي برتر ٿي سمجهيو. علاج جو مقصد ماڻھن کي خيالن جي ان ذريعي سان لاڳاپي ۾ رکڻ ھو خاص طور تي ڊريم انٽرپريٽيشن (dream interpretation) جي. جُنگ جي پنھنجي طريقي جو مدار سندس شخصيت جي نظريي تي به ھو جنھن ھيٺ ٻن بنيادي قسمن کي ويچاريو ٿي ويو. انھن مان ھڪڙو ڪنھن فرد جي شعور تي غالب رھي ٿو، ته ٻيو لازمي طور تي شعور ۾ داخل ڪرڻو ۽ پنھنجي مخالف سان سرچاءُ ڪرڻو پوي ٿو ته جيئن اھو ھڪ مڪمل فرد بڻجي سگهي.


Remember Me Also:

ڪڃ

ذ. ڪڙهيل کير جي مٿان ڄاوَلَ ملائي ، ٿَرُ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal