SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Jaw, fractured

(click word to listen sound
  • 🔊
  • dʒɔː
  • fræktʃəd
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Jaw, fractured

جاـ فريڪ.چرڊ

ڄاڙيءَ (jaw) جو ڀڄي پوڻ جنھن جو گهڻو عام سبب سڌو ڌڪ لڳڻ ٿئي ٿو. ھلڪي ڀڳ سبب ممڪن ٿئي ٿو ته اھو ڏکڻو ٿي پوي، چَڪڻ سان سور ڪري ۽ سيٽجي وڃي. شديد ڌڪ جي حالت ۾ ڏند ضايع ٿي تباه ٿي سگهن ٿا، ڄاڙيءَ جي چرپر سخت متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ ھيٺين چپ مان حس ختم ٿي سگهي ٿي. ھلڪي ڀڳ کي ڇڏي ڏجي ٿو ته پنھنجو پاڻ ڀرجي وڃي ٿي پر عام طور تي ان جو آپريشن رستي تدارڪ ڪجي ٿو. شديد ڀڳ جي حالت ۾ آپريشن رستي علاج ڪرڻو پوي ٿو. ھڏي جي ڇٽڻ لاءِ ان جي چرپر بند ڪجي ٿي جنھن لاءِ عام طور تي ھيٺين ۽ مٿين ڏندن کي تارن (wiring) يا پلاٽنگ (planting) رستي سڪ ڪجي ٿو. 6 ھفتن کانپوءِ تارون يا پليٽون ڪڍي ڇڏجن ٿيون.


Remember Me Also:

آسڻ ٻڌڻ

وهڻ جو نمونو اختيار ڪرڻ. پُوڄا يا جوڳ ۾ رهڻ. پنهنجي جاءِ تي پختو رهڻ گهوڙي تي، ڄمي وِهَڻُ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal