SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Jaundice, neonatal

(click word to listen sound
  • 🔊
  • dʒɔːndis
  • neonatal
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Jaundice, neonatal

جان.ڊس ـ نيو.ني.ٽل

نون ڄاول ابھمن جي چمڙيءَ ۽ اکين جي سفيديءَ جو پيلو ٿي وڃڻ جنھن جو ڪارڻ بِليريوبن (bilirubin) جو رت ۽ ٽشوئن ۾ گڏ ٿي وڃڻ ٿئي ٿو. ان جو عام طور تي ڪارڻ جيري (liver) جو مڪمل طور تي اسريل نه ھجڻ ۽ ڀڙ طريقي سان بِليريوبن خارج ڪري نه سگهڻ ٿئي ٿو. عام طور تي ھن قسم جو يرقان بي مضر ٿئي ٿو ۽ ھڪ ھفتي ۾ ختم ٿي وڃي ٿو. ورلي، نون ڄاول ابھمن کي شديد يا دائمي قسم جو يرقان ٿي پوي ٿو جنھن جو ڪارڻ، نون ڄاول ٻارن جي ھيمولائيٽڪ ڊزيز (haemolytic disease)، G6PD ڊيفِيشنسي (G6PD deficiency)، ھيپيٽائيٽس (hepatitis)، ھائپوٿائروائڊزم (hypothyroidism)، بائلري ايٽريسيا (biliary atresia) يا روڳ ٿئي ٿو. عام طور تي سائي ۾ مبتلا ابھمن کي واڌو پاڻيٺون پيارڻيون پون ٿيون ۽ ڦوٽوٿراپيءَ (phototheraphy) رستي علاج ڪرڻو پوي ٿو. شديد حالتن ۾ رت مٽائڻ ضروري ٿي سگهي ٿي (ڏسو، blood transfusion). جيڪڏھن نون ڄاول ابھمن جي شديد يرقان جو تدارڪ نه ڪجي ته کين ڪرنِيڪٽِيرس (kernicterus) پيدا ٿي سگهي ٿي.


Remember Me Also:

اسنگت

ذ. صفت. [سن. اَ = نه + اَسَنگَتُ = مناسب] نالائق ، بيهودو. بڇڙو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal