
سائيءَ جي بيماري، يرقان
جانڊس
سائي جو مرض، زردي، يرقان، ڪامڻ، يرقان جي مرض دوران، چمڙي جو زردي مائل رنگ ٿي وڃڻ A yellow appearance of the skin sclera and body excretions
سائي- يرقان
ردوئي
رَدُوئي (سائي)
زرڪان
زرڪان، زرقان (زردائي، يرقان)
ڪامڻ
ڪَامِڻُ (سائي، يرقان)
يرقان
يَرقانُ [ع] (سائي)
گرامر noun
- اسم
سائِي
گرامر noun
- اسم
ڪامڻُ
Jaundice
جان.ڊس
يرقان، ڪامڻ، سائيءَ جي بيماريءَ ۾ چمڙيءَ ۽ اکين جي سفيديءَ جو پيلو ٿي وڃڻ جنھن جو ڪارڻ بِليريوبن (bilirubin) جو رت ۽ ٽشوئن ۾ گڏ ٿي وڃڻ ٿئي ٿو. يرقان، جيري (liver) ۽ صفراوي سرشتي (biliary system) جي ڪيترين بيمارين جي مکيو نشاني ٿئي ٿي. ڪيترا ابھم ڄمڻ کان ستت پوءِ سائي ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا (ڏسو، jaundice, neonatal). جڏھن گهڻي ڀاڱي رت جي پراڻن ڳاڙھن سيلن کي تري (spleen) ٽوڙي ٿي ته انھن جي ھيموگلوبن (haemoglobin) مان بِليريوبن پيدا ٿئي ٿي. جيڪا جيري ۾ جذب ٿي، اتي پاڻيءَ ۾ ڳري پت (bile) رستي خارج ٿي وڃي ٿي. يرقان جا مکيا ٽي قسم ٿين ٿا: ھيمولائيٽڪ (haemolytic)، ھيپِيٽوسيلولر (hepatocellular) ۽ آبسِٽرڪٽو (obstructive). ھيمولائيٽڪ يرقان ۾ جيري کي پراسس ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي بِليريوبن پيدا ٿئي ٿي. جنھن جو ڪارڻ ڳاڙھن سيلن جو حد کان وڌيڪ ھيمولائيسز (haemolysis) ٿيڻ ٿئي ٿو جنھن جا ڪيترا سبب ٿي سگهن ٿا (ڏسو، anaemia, haemolytic). ھيپيٽوسيلولر يرقان ۾، بِليريوبن ان سبب گڏ ٿي وڃي ٿي ڇاڪاڻ ته، اھا عام طور تي اَڪيوٽ ھيپيٽائيٽس(ڏسو، hepatitis, acute) يا جيري جي ناقص (liver failure) ھجڻ سبب جيري جي سيلن کان پت ۾ تبديل ٿي نٿي سگهي. آبسٽرڪٽو يرقان ۾ جنھن کي ڪولسٽيٽڪ جانڊس (cholestatic jaundice) به سڏجي پت، پت جي نلي ٻنجيل ھجڻ (bile duct obstruction) سبب جيري مان خارج ٿي نٿي سگهي. آبسٽرڪٽو يرقان واري حالت تڏھن پڻ پيدا ٿي سگهي ٿي جڏھن پت نليون موجود نه ھجن (جيئن بلئري ائٽريسيا biliary atresia ۾ ٿئي ٿو) يا بيماريءَ سبب ناقص ٿي ويون ھجن. تڏھن ڪولِيسِٽيٽائيٽِس (cholestitis) واري حالت پيدا ٿي پوي ٿي ۽ بِليريوبن واپس رت ۾ وھڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿي. يرقان جي سڀني قسمن جي علاج جو مدار انھن جي بنيادي ڪارڻ مطابق ڪجي ٿو.
Related words with: Jaundice
بدلي
ث. [ع. بَدَلَ] ملازم جي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ مقرري ، ملازمت جي ڦير گهير ، تبديلي. جڳهه جي مَٽ سَٽ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal