
اسلامڪ بام
اسلامي بَمُ
هي اصطلاح صيهوني ذهني روش جي ايجاد آهي. جنهن مطابق لبيا، سعودي عرب ۽ پاڪستان گڏجي اهڙو جوهري بم تيار ڪري رهيا آهن، جيڪو اڳتي هلي اسرائيل جي خلاف استعمال ٿيڻو آهي. ان جوهري بم کي ”اسلامي بم“ جو نالو ڏنو ويو. موجوده دور ۾ ”القائده“ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، ٻيهر هن اصطلاح زور ورتو آهي. مغربي ملڪن کي خدشو آهي ته اسلامي ملڪن مان جيڪڏهن نيوڪليائي بم ٺاهڻ جي ترڪيب القائده کي ملي وئي، ته اُها ”اسلامي ائٽمي بم“ ٺاهي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين خلاف استعمال ڪندي. پاڪستان جي ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ”اسلامي بم“ ٺاهڻ جي سلسلي ۾ ڪافي سرگرم ڪردار ادا ڪندڙ شخص طور سڃاتو وڃي ٿو
چيٺڻ
مصدر. پرا. چيٺَّ. سن. چيشٽَ دوا لائڻ زخم کي ، مَلَم پَٽي ڪرڻ ، علاج ڪرڻ ڌڪ جو ، زخم ڇُٽائڻ. حيلو ڪرڻ ، ڪوشش ڪرڻ. سنڀال ڪرڻ ، خبرداري ڪرڻ. تِيمارداري ڪرڻ. پيشاب جي پليدي صاف ڪرڻ ، وٽ سورِڻ. اِستِنجا ڪرڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal