SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Irritable bowel syndrome/IBS

(click word to listen sound
  • 🔊
  • iritəbl
  • bauəl
  • sindroum
  • ibs
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Irritable bowel syndrome/IBS

اري.ٽي.بل ـ بائول ـ سن.ڊروم

تڪليفن جو ھڪ اھڙو مجموعو جنھن ۾ وقفي وقفي سان پوندڙ پيٽ جو سور، قبضي، دست يا انھن مان ڪنھن ھڪ جا حملا ٿيندڙ ھجڻ سان گڏ ڪنھن ٻيءَ بيماريءَ جي تشخيص/ نشانيون موجود نه ھجن. مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۾ اريٽيبل بائول سنڊروم ٻيڻ تي ٿئي ٿو جنھن جي عام طور تي شروعات ٻالڪپڻي جي اوائل ۾ يا وچڌارا ٿئي ٿي. عام طور تي سڄيءَ زندگيءَ دوران اٿلي پوي ٿي پر پيچيدگيون پيدا نٿي ڪري. ان جون نشانيون پيٽ ۾ ڳڍڙين جھڙو سور، پيٽ جو عام طور تي کاٻي پاسي کان ڦوڪيل ھجڻ، پيٽان ويھڻ يا ريح خارج ڪرڻ سان وقتائتو آرام ملي ٿو، پيٽ مڪمل طور تي خالي نه ٿيڻ جو احساس ٿئي ٿو ۽ گهڻو ريح خارج ٿئي ٿو، پريشاني ۽ دٻاءَ سبب حالت بدتر ٿي وڃي ٿي. قبضي خاص مسئلو ھجي ته گهڻي تاندوري/ڦوڳ وارو کاڌو ۽ گهڻو پاڻي پيئڻ فائديمند ٿئي ٿو.


Remember Me Also:

سينگارو

ذ. وَلِ جو هڪ قسم، پاڻيءَ اندر ٿيندڙ، ڦَلُ پيدا ڪندڙ، ڪاري رنگ جي ٿلهي ڪنڊن واري کَل سان، سفيد ۽ مٺي ڳڀ واري، کائڻ طور استعمال ٿيندڙ. هڪ پسارڪو وکر، دوائن طور ڪم ايندڙ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal