
اک جي پتلي يا ماڻڪي
Iris
آءِ.رس
پتلي، اک جو رنگين حصو، شفاف ۽ لچڪدار ڪوليجن (collagen) ۽ مشڪي تاندورن جو جڙيل ٿئي ٿو، قرنيا جي پٺيان ۽ بلور (lens) جي آڏو ٻاھرين ڇيڙي وٽ سيليئري باڊيءَ سان ڳنڍيل ٿئي ٿو منجهس وچ تي ھڪ سوراخ؛ ماڻڪي (pupil) ٿئي ٿي جنھن مان روشني اک ۾ داخل ٿي تنتي پردي (retina) تي اچي پوي ٿي. پتلي سدائين سسندي ۽ ڦڊندي، ماڻڪيءَ جي سائيز تبديل ڪندي روشنيءَ جي مقدار تي ڪنٽرول ڪندي رھي ٿي جيڪا ماڻڪي مان گذري اچي ٿي.
گراڙو
ذ. چانورن جي ننڍن سَلَن جو مُٺيو ، چانورن جي ٻج جي مُوڙهي ، سارين جي ٻيجي جي ٻڌل مُوڙهي. ڳُراڙو. پاڻي جي ڪيل گُرڙي ، غُرغرو ، گُرڙو. پيٽ مان وهندڙ وڳ. اسم خاص. جيت جو هڪ قسم پاڻيءَ ۾ ٿئي. تاڪين جهلڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڪورين جو هڪ اوزار. نَڙُ، نڙانڊي.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal