
Intussusception
ان.ٽيو.سَ.سيپ.شن
ھڪ اھڙي حالت جڏھن آنڊي جو ڪو حصو ٻئي حصي ۾ لهي نتيجي ۾ آنڊي جي ٻنج پيدا ڪري وجهي (ڏسو، intestine, obstruction of). ايئن عام طور تي ننڍي آنڊي جي پوئين حصي سان ان ھنڌ تي ٿئي ٿو جتي اھو وڏي آنڊي سان ملندڙ يا ڳنڍجندڙ ٿئي ٿو. ڪن حالتن ۾ ان جو ڪنھن تازي روڳ سان لاڳاپو ٿي سگهي ٿو ته ٻين حالتن ۾ ڪنھن نڪري (polyp) يا ميڪيلس ڊائورٽيڪيولِم (Meckel’s diverticulum) واري ھنڌ تي پيدا ٿي پوي ٿو. انٽيوسَسسيپشن گهڻي عام طور تي 2 سالن کان ننڍيءَ عمر جي ٻارن ۾ ٿي پوي ٿو. متاثر ٻار، پيٽ جي شديد سور ۾ مبتلا ٿي پوي ٿو، الٽي عام ٿي پوي ٿي ۽ عام طور تي ڪرفتيءَ ۾ رت ۽ بلغم موجود ھجي ٿو. شديد حالتن ۾ آنڊي ڏانھن رسد بند ٿي وڃي ٿي ۽ پيٽانگي جي سوزش (peritonitis) يا پَرفوريشن (perforation) کانپوءِ گينگرين (gangrene) ٿي پوي ٿي. ڪن حالتن ۾ ايئر اَنيمِيا (enema) رستي آنڊي جي متاثر حصي کي واپس پنھنجيءَ جاءِ تي پھچايو وڃي ٿو. ڪن حالتن ۾ آپريشن ڪري آنڊي کي پنھنجيءَ جاءِ تي ٿانيڪو ڪيو وڃي ٿو.
لنڊي خوشامد ڪرڻ
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal