
Intestine, disorders of
اِن.ٽيسٽن ـ ڊس.ئارڊرس ـ آف
آنڊو مختلف قسمن جي بناوتي نقصن، ڪيترين بيمارين پيدا ڪندڙن جيوڙن ۽ پئراسائيٽن سبب ته ڳوڙھين ۽ ٻين بيمارين ۾ به متاثر ٿي سگهي ٿو. بناوتي نقص پيدائشي موجود ٿين ٿا ته پوءِ به پيدا ٿي سگهن ٿا. اھي آنڊي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪن ٿا (ڏسو، intestine, obstruction of) جن ۾ اَيٽريسيا (atresia)، اِسٽينوسِس (stenosis) ۽ والويولَس (vulvulus) شامل ٿين ٿا. نون ڄاول ابھمن ۾ ڏاسو (meconium، ابھم جي آنڊي جو مواد) آنڊي ۾ روڪ پيدا ڪري سگهي ٿو. آنڊي جي عام طور تي پيدا ٿيندڙ سوزش وائرسي يا بئڪٽيريائي روڳن سبب پيدا ٿي سگهي ٿي يا ان جا ڪارڻ اَروڳي (noninfectious) به ٿي سگهن ٿا جھڙوڪ: اَلسريٽو ڪولائيٽِس (ulcerative colitis) ۽ ڪروھنس بيماري (Crohn’s disease). عام طور تي گئسٽرواِِنٽيرائيٽس (gastroenteritis) اصطلاح تڏھن استعمال ڪجي ٿو جڏھن معدي ۽ آنڊن جي سوزش ھجي ٿي، جن روڳن ۾ وائي (food poising)، ٽريولرس ڊائريا (traveller’s diarrhoea)، ڪالرا (cholera)، اميبِياسس (amoebiasis) ۽ جيارڊياسِس (giardiasis) شامل ٿين ٿيون.آنڊن جي ڪيڙن ۾ گول ڪينئان (roundworms) ۽ ٽيپورم (tapeworms) شامل ٿين ٿا. ورلي، آنڊي جي سوزش مقامي ٿئي ٿي جھڙوڪ: اپينڊِيسائيٽِس (appendicitis) ۽ ڊائورٽِيڪيولر ڊزيز (diverticular disease). ننڍي آنڊي جون ڳوڙھيون ورلي پيدا ٿين ٿيون ته اَڪينسري (noncancerous) واڌ، لِمفوما (lymphomas) ۽ ڪينسري ڳوڙھيون (carcinoid tumors) پيدا ٿي سگهن ٿيون. وڏي آنڊي جون ڳوڙھيون عام ٿين ٿيون (ڏسو، colon, cancer of, rectum, cancer of ). ڪن قسمن جا موروثي نڪرا (polyposis) ڪينسر ۾ واڌ ڪري سگهن ٿا. آنڊي ڏانھن رت جي ناقص رسد (ischaemia) ٿي سگهي ٿي جنھن جو ڪارڻ پيٽ جي ڀت جي شريانن جو جزوي يا مڪمل طور تي بند ھجڻ (جھڙوڪ: atherosclerosis بيماري) يا رت نلين جو چَٻيل يا گهٽيل ھجڻ ٿي سگهي ٿو جيئن انٽوسَسَيپشن (intussusception) يا ھرنيا (hernia) ۾ ٿئي ٿو. رت جي رسد نه ٿيڻ سبب گينگرين پيدا ٿي سگهي ٿي. آنڊي کي متاثر ڪندڙ ٻين تڪليفن ۾ پيپٽڪ اَلسر (peptic ulcer)، ڊائورٽيڪيولوسِس (diverticulosis)، ناقص جذبيت (malabsorption)، ڪوليئڪ ڊزيز (coeliac disease) ۽ اِريٽيبل بائول سنڊروم (irritable bowel syndrome) شامل ٿي سگهن ٿا.
سرنهه
ذ. جبل جو هڪ جانور.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal