دست اندازي، وچ ۾ پوڻ
مداخلت- دخل اندازي
دخل ڏيڻ- مداخلت
انٽروينشن
مداخلت
ڪنهن به ملڪ جي سالميت ۽ اعليٰ حاڪميت واري حق جي لتاڙ ڪرڻ کي سندس معاملن ۾ ’دخل اندازي‘ ڪرڻ جو عمل چئجي ٿو. اها مداخلت سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ٿيندي آهي. پهرئين قسم مطابق، هڪ ملڪ پنهنجون فوجون ٻئي ملڪن ۾ لاهيندو آهي. ان جو واضح مثال آمريڪا جي ويٽنام ۽ سوويت فوجن جي افغانستان ۾ مداخلت آهي. ٻئي قسم جي مُداخلت تحت طاقتور ملڪ پنهنجين اقتصادي نيتين ذريعي ڪمزور ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي ماحول تي اثرانداز ٿئي ٿو. پهرئين قسم جي مداخلت سان خطي ۾ ”طاقت جي توازن“ ۾ هڪجهڙائي نٿي رهي. هن اصطلاح جو ٻيو مطلب هاڪاري به ٿيندو آهي. جنهن مطابق ڪنهن علائقي ۾ انساني حقن جي لتاڙ عروج تي هُجي، يا بيماري خطرناڪ شڪل اختيار ڪري وئي هُجي يا گهرو لڙائي ختم نٿي ٿئي، ته ڪا سگهاري يا وسيلن واري طاقت (يا بين الاقوامي ادارو) ’ مداخلت ‘ ڪري ان صورتحال ۾ بهتري آڻيندي آهي
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal