
Interferon
اِن.ٽر.فِي.ران
جسم جي سيلن جي، وائرسي روڳن ۽ ٻين محرڪن جي موٽ ۾ قدرتي طور تي پيدا ٿيندڙ ھڪ پروٽين.جيڪا وائرسي واڌ کي روڪي ۽ قدرتي ڪلر سيلن (ھڪ قسم جي لِمفوسائيٽن lymphocyte جو قسم جيڪي جسم جي اِميون سرشتي جو ھڪ حصو ٿين ٿا) جي سرگرمي واڌئي ڇڏي ٿي. انٽرفيران مصنوعي طور تي به پيدا ڪري ڪيترن قسمن جي بيمارين جي علاج لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا. انھن جا مکيا ٽي قسم ٿين ٿا: انٽرفيران الفا (interferon alpha)جيڪو ڪن قسمن جي لِمفوما (lymphoma)، ميلِگننٽِ ميلانوما (malignant melanoma، ڏسو، melanoma, malignant)، ھڪ قسم جي ليوڪيميا (leukemia) ۽ ڪرانڪ ھيپيٽائيٽس بيءَ (B) ۽ سيءَ (C) جي علاج لاءِ استعمال ٿين ٿا. انٽرفيران بيٽا (interferon beta)، اٿلي پوندڙ ملٽيپل اِسڪليروسس (multiple sclerosis) جي علاج لاءِ ڪتب اچن ٿا ۽ انٽرفيران گاما (interferon gamma)، ڪن قسمن جي اِميونوڊيفيشنسيءَ (immunodeficiency) سبب پيدا ٿيندڙ سنگين روڳن جي پيدا ٿيڻ جي خطرن گهٽائڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا. انھن جي اُگرن اثرن ۾ بخار، مٿي جو سور، سستي، ڊپريشن ۽ غشي پيدا ٿئي ٿي.
جوڙئون
جوڙ + ئون جوڙي مان ، ٻن مان ، نرماد مان. ”ڪري پاڻ ڪريمُ، جوڙئون جوڙَ جهانَ جي“ شاهه.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal