انٽرڊپينڊنس
باهمي مدار- گڏيل سهڪار
ٻه يا ٻن کان وڌيڪ آزاد ڌرين طرفان ڏي- وٺ جي بنياد تي گڏيل طور تي ڪن به ذميوارين ۾ عملي حصيداري ڪرڻ ۽ طئي ڪيل اصولن هيٺ ٻين ڌُرين سان ڀاڱي- ڀائيوار ٿيڻ جي عمل کي هن اصطلاح ذريعي چِٽو ڪيو ويندوآهي. هن قسم جي شراڪت ۾ لاڳاپيل ڌريون جذباتي، معاشي، سياسي، ماحولياتي ۽ اخلاقي حوالن سان جدا جدا سوچيندي به هڪٻئي جي مفادن کي ڇيهو رسائڻ بنا، ڪن گڏيل ضابطن مطابق هڪٻئي ڏانهن ذميوار هونديون آهن. اهي ڌريون حقيقتن جا رُخ جاچي انهن جي حاصلات لاءِ گڏيل نموني جاکوڙينديون آهن.’گڏيل سهڪار‘ جو اصول بين الاقوامي لاڳاپن جي بنيادي جُزن مان هڪ آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا جون سڀ قومون/ رياستون اهڙي سهڪار بنا بين الاقوامي برادريءَ جي جوڙجڪ ممڪن نه ٿيون ڪري سگهن ۽ نه وري اهڙي تعاون بنا سگهاريون ٿي دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو مختلف نظريا ۽ سرشتا رکندي به ڪيتريون قومون هڪٻئي سان معاشي، ثقافتي ۽ ٻين قسمن جا سهڪار جاري رکنديون آهن. جڳ- مشهور ڏاهن ڪارل مارڪس، ايم – ڪي گانڌي، رُزويلٽ ۽ ٻين پنهنجن لکڻين ۾ هن موضوع تي انتهائي اهم بحث ڪيا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal