SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Intercourse, painful

(click word to listen sound
  • 🔊
  • intəkɔːs
  • peinfəl
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Intercourse, painful

(اِن.ٽر.ڪورس ـ پئن.فُل

جماع (sexual intercourse) ڪرڻ دوران سور، تڪليف يا درد ٿيڻ جنھن کي طبي لحاظ کان ڊسپيريوينيا (dyspareunia) سڏجي ٿو جيڪو ٻنھي عورت ۽ مرد کي متاثر ڪري سگهي ٿو. اھڙو سور مٿاڇرو (جڏھن ٻاھرين جنسي عضون جي چوگرد ٿئي) يا گهرو (نھائينءَ ۾ محسوس ڪجي) به ٿي سگهي ٿو. مردن ۾ مٿاڇري سور ٿيڻ جو ڪارڻ جسماني بناوت جون بي ڊولايون جھڙوڪ: ڪورڊي (chordee، وريل انگيز) يا فيموسس (phimosis، کوپي جو سوڙھو ھجڻ) ٿين ٿيون. پراسٽيٽائيٽِس (prostatitis) سبب نھائين جو گهڻو پکڙيل سور، آلت ۾ ساڙي جو احساس يا انزال وقت سور پيدا ٿي سگهي ٿو. اسڪيئرنگ (scarring، مثال طور؛ ويم کانپوءِ) ۽ گرڀ ناليءَ جو خاص طور تي سنڍجڻ (menopause) کانپوءِ مَک جو پيدا نه ٿيڻ، عورتن ۾ جنسي ميلاپ/ سنڀوڳ دوران سور پيدا ڪري سگهي ٿو. سائيڪوسيڪشوئل ڊِسفنڪشن (psychosexual dysfunction) به ھمبستريءَ دوران درد پيدا ڪري سگهي ٿو. ويجينزمس (vaginismus) ھڪ اھڙي حالت ٿئي ٿي جنھن ۾ گرڀ ناليءَ جي مشڪن ۾ پيڙاڪن ڳڍڙيون پون ٿيون عام طور تي ان جو بنيادي ڪارڻ نفسياتي ٿئي ٿو. گهري يا اونھائيءَ ۾ با بار پوندڙ سور جو عام ڪارڻ نھائين جا نقص ٿين ٿا (جھڙوڪ: fibroid, endometriosis or pelvic inflammatory disease، جنسي وچڙندڙ روڳ ٿين ٿا)، آنيدانين جا نقص (جھڙوڪ: ovarian cysts) ۽ ڳھڻ (cervix) جا نقص ٿين ٿا. اھڙا ٻيا ڪارڻ سِسٽائيٽِس (cystitis) ۽ پيشاب لنگهه جا روڳ (urinary tract infections) ٿين ٿا.علاج جو مدار سور جي اصلي ڪارڻ آھر ڪجي ٿو، جيڪڏھن اھنج جو اصلي سبب نفسياتي ھجي ته ان لاءِ مخصوص ڪائونسلنگ ڪجي ٿي (ڏسو، sex therapy).


Remember Me Also:

بوڊينگ

ذ. ٻوٽي جو هڪ قِسم.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal