
Intensive care
اِن.ٽينسِوـ ڪيئر
انتھائي نگهداشت، سنگين بيمار مريضن جي لاڳيتو ۽ گهرائپ سان پرگهور لهڻ ۽ علاج لاءِ ڪجي ٿي ته جيئن اھڙن بيمار مريضن جو ھر ڪلاڪ آھر سندن حالت پٽاندڙ علاج ڪري سگهجي. آءِ سي يو (ICU) لاءِ ورلي انٽينسو ٽريٽمينٽ يونٽس (ITU) جو اصطلاح به استعمال ڪجي ٿو جنھن ۾ اليڪٽرانڪ اوزار ۽ مشينون موجود ھجن ٿيون جن رستي جسم جي اھم ڪمن جھڙوڪ: بِلڊ پريشر ۽ ھرٽ ريٽ ۽ رٿِم تي نظر رکي وڃي ٿي. عام طور تي انھن يونٽن ۾ موجود مريضن کي مشيني ساه کڻائڻ (mechanical ventilation) جي به ضرورت پوي ٿي جنھن ۾ ھڪ مشين ساه کڻائڻ ۾ مدد ڪري ٿي يا پاڻ کڻائي ٿي. پيشاب جو اخراج، جسم ۾ پاڻيٺ جي توازن ۽ رت جي ڪيمسٽريءَ جي لاڳيتو رڪارڊنگ ٿيندي رھي ٿي. جسم ۾ پاڻيٺون نس رستي ڏنيون وڃن ٿيون. جيڪڏھن غذا جي ضرورت ھجي ٿي ته اھا ڪنھن نلڪيءَ رستي معدي تائين پھچائي يا نس رستي ڏني وڃي ٿي. مريض جي نسبت سان خاص سکيا ورتل نرسن ۽ طبي عملي جو ھڪ وڏو انگ موجود ھجي ٿو (وڌيڪ ڏسو، coronary care unit).
Related words with: Intensive care
درستي
ث. سڌائي ، برابري ، سچائي ، راستبازي ، صحت ، تصحيح ، اِصلاح ، سَنوار ، ڪاٽ ڪُوٽ ، سڌارو ، ترتيب ، ترميم ، مَرَمت ، شايَستگي ، گوشمالي.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal