SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Intelligence tests

(click word to listen sound
  • 🔊
  • intelidʒəns
  • tests
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Intelligence tests

اِن.ٽي.لي.جنس ـ ٽيسٽ

اھڙي طريقي سان تپاسون رٿڻ جن مان ڪنھن فرد جي ذھني لياقتن جي ڄاڻ پئجي سگهي. انھن ۾ گهڻيون عام استعمال ٿيندڙ ويڪسِلر (Wechsler) تپاسون ٿين ٿيون جن مان ٻه بنيادي ويڪسِلر اَڊلٽ انٽيليجِنس اسڪيل (Wechsler Adult Intelligence Scale/WAIS) ۽ ويڪسلر انٽيليجنس اسڪيل فار چلڊرين (Wechsler Adult Intelligence Scale/WISC) ٿين ٿيون: انھن مان ھر ھڪ زباني (ٻوليءَ جي مھارت سان لاڳاپيل) ۽ ڪارڪردگيءَ جي پھلوئن حصن ۾ ورھايل ٿين ٿيون جن ۾ شيون جوڙي سگهڻ جي قابليت، ادراڪي لياقتون (مختلف ڊول سمجهي سگهڻ) شامل ٿين ٿيون. ٻين تپاسن ۾ اسٽينفورڊ ـ بنيت (Stanford-Binet) تپاس گهڻي ڀاڱي عالِمانا لياقت جي ماپي طور استعمال ٿئي ٿي. ذھانت جي ڪيترين تپاسن ۾ حاصل ٿيندڙ اسڪور جو بنياد ذھني عمر (mental age/MA) تي ٿئي ٿو بنسبت ڪرونولاجيڪل ايج (chronological age/CA) جي. آءِ ڪيو، ايم اي/ مينٽل ايج سان لاڳاپيل ٿئي ٿي جنھن کي سي اي سان ونڊ ڪري 100 سان ضرب ڪجي ٿي. تپاسون اھڙيءَ طرح سان رٿيون وڃن ٿيون ته جيئن 4 مان 3 فردن جي آءِ ڪيو 80 ۽ 120 جي وچ تي ھجي. تپاسن کي معياري ڪجي ٿو ته جيئن اسڪور مان عمر جي مختلف سطحن جي، نسبتاً ساڳيءَ لياقت جي نشاندھي ٿي سگهي. ذھانت جي تپاسن رستي اسڪول/ پيشي جي قابِليت چڪاسي سگهجي ٿي. جڏھن ته صنف ۽ قوم جي لحاظ کان انھن جي متڀيد ھجڻ سبب تنقيد ڪئي وڃي ٿي.


Remember Me Also:

ٺوڪيو

ذ. صفت. نامراد ، بدبخت.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal