SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Insulin

(click word to listen sound
  • 🔊
  • insulin
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Insulin

اِن.سُو.لن

لب لبه (pancreas) مان پيدا ٿيندڙ ھارمون جنھن جو ڪم رت ۾ گلوڪوس جي سطح برقرار رکڻ ٿئي ٿو. اھو عام طور تي، کاڌي کائڻ کانپوءِ گلوڪوس جي وڌيل سطحن ھجڻ جي صورت ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ گلوڪوس کي جيري ۽ مشڪن جي سيلن ۾ جذب ٿيڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ان طريقي سان اِنسولن، گلوڪوس کي گڏ ٿيڻ نٿي ڏئي ۽ پڪ ڪري ٿي ته ٽشوئن ۾ گلوڪوس مناسب مقدارن ۾ موجود رھي ٿو. اِنسولن جي پيداوار نه ٿيڻ سبب ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) ٿي پوي ٿي. اِنسولينوما (insulinoma) ھڪ ورلي ٿيندڙ ڳوڙھي ٿئي ٿي جنھن سبب اِنسولن جي حد کان وڌيڪ پيداوار ٿي نتيجي ۾ ھائپوگلائيسِيميا (hypoglycaemia) جا حملا ٿين ٿا. اِنسولن جي البدل طور، ذاتي طور تي انجيڪشن رستي يا اِنفيوين پمپ (ڏسو، pump, insulin) رستي ذيابيطس ميلائيٽس جي علاج طور ھنئي وڃي ٿي (ڏسو، pump, insulin). انسولن وات رستي استعمال ڪري نٿي سگهجي. ڇاڪاڻ ته معدي جو تيزاب ان کي ناس ڪري ڇڏي ٿو. عام طور تي انسولن جينيٽِڪ ان جي نيئرنگ رستي تيار ڪجي ٿي ۽ اھا انساني انسولن سان گهڻي ملندڙ جلندڙ ٿئي ٿي. جانورن مان حاصل ٿيندڙ انسولن به دستياب ٿئي ٿي پر ان جو استعمال آھستي آھستي گهٽجي رھيو آھي. انسولن جو علاج، رت ۾ گلوڪوس جي انتھائي مٿاھين سطحن (hyperglycaemia) ۽ ڪِيٽوسِس (ketosis، رت ۾ ڪن تيزابن جو گڏ ٿي وڃڻ) کان بچائي ٿو، نه ته شديد حالتن ۾ اھي سڪتو پيدا ڪري سگهن ٿا. انسولن جو گهڻو وڏو وزن ھائپوگلائيسيميا پيدا ڪري ٿو جنھن کي گهٽائڻ لاءِ کاڌو کائي يا کنڊ واري پاڻيٺ پي سگهجي ٿي. شديد ھائپوگلائيسوميا سڪتو پيدا ڪري سگهي ٿي، جنھن جي ھنگامي علاج طور گلوڪوس يا گلوڪاگان (glucagon، انسولن جو اثر گهٽائيندڙ ھارمون) جي انجيڪشن ھڻڻ ضروري ٿي پوي ٿي.


.


Other Phrases of Insulin used in Daily life:

Remember Me Also:

ميران

مِيران

ذ . صفت. مير، پير. مرشد. (اسم خاص). حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه جو لقب. تعلقي شاهه بندر ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal