
Insects and disease
اِن.سيڪ.ٽس ـ اينڊ ـ ڊِزيز
نسبتاً جيتن جا اھڙا ڪجهه قسم انسانن ۾ سڌيون بيماريون پيدا ڪري سگهن ٿا. ڪي انسانن جي چمڙيءَ ھيٺان يا جسم جي مٿاڇري تي پئراسائيٽ ٿي رھن ٿا (ڏسو، lice; chigo; myiasis). گهڻي تڪليف ڏيندڙ جيت، مکيون ۽ چڪ پائيندڙ جيت ٿين ٿا. مکيون، پنھنجن پيرن ۽ ٽنگن رستي انساني ڪرفتيءَ ۽ جانورن جي غلاظت مان بيماريون ڦھلائيندڙ جيوڙا کڻي کاڌن ۽ ڦٽن کي غليظ ڪن ٿيون. ڪيتريون سنگين بيماريون جيتن جي چڪن رستي پکڙجن ٿيون جن ۾ مليريا (malaria) ۽ فليرِياسس (filariasis)، سليپِنگ سِڪنيس (sleeping sickness)، لِيشمنائيسس (leishmaniasis)، اِپيڊيمڪ ٽائيفس (typhus) ۽ پليگ (plague) شامل ٿين ٿيون. مڇر، سينڊفلاءِ (sandfly) ۽ چچڙ به ييلو فيور (yellow fever)، ڊينگي (dengue) لائمي (Lyme) ۽ ڪن قسمن جون وائرسي اِنسيفيلائيٽس (encephalitis) بيماريون پکيڙين ٿا. جڏھن به ڪو جيت ڪنھن متاثر جانور يا فرد جو رت چوسي ٿو ته ان سان گڏ ان بيماريءَ جا جيوڙا به پي وڃي ٿو جيڪي ان جيت ۾ زنده رھن ٿا يا واڌ ڪن ٿا. پوءِ اھي جيوڙا ڪنھن صحتمند انسان جي جسم ۾ جيت جي چڪ پائڻ سان پڪ يا ڦولهڙين رستي چڪ واري ھنڌ جي ڀرسان گڏ ٿي وڃن ٿا. جيتن رستي پکڙجندڙ ڪيتريون بيماريون استوائي ۽ نين استوائي علائقن ۾ ٿين ٿيون ته لائمِي بيماري انگلئنڊ جي ڪن حصن ۾ به ٿئي ٿي. جيتن رستي پکڙجندڙ بيمارين کان بچڻ جو وڏو مدار مکين کي کاڌن کان پري رکڻ، جيتن جي چڪ کان پاڻ بچائڻ لاءِ مناسب ڪپڙا پائڻ ۽ جيت ڀڄائيندڙ دوائون (جھڙوڪ: DEET) استعمال ڪرڻ ۽ دنيا جي جن حصن ۾ مليريا ٿئي ٿي اتي مھارا، ڄاريون، پيسٽِيسائيڊ (pesticides) استعمال ڪرڻ سميت مليريا جي بچاءَ جون گوريون استعمال ڪرڻيون پون ٿيون.
پاسو ڪرڻ
پاسو ڏيڻ ، هڪ پاسيرو ٿيڻ. پري ڀڄڻ ، پري هٽڻ. ٽَري وڃڻ ، پرهيز ڪرڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal