
گرمي، بغض، سوڄ، تاءُ، اک اٿڻ of eye
انفلاميشن
خوردبين جيوڙن، توڙي طبعي يا ڪيميائي رد عمل طور اوڄ ۾ زخم پيدا ٿي پوڻ، جنھن جي نتيجي ۾ چمڙي مٿان ڳاڙھاڻ ۽ سور سان گڏ سوڄ پيدا ٿي پوي Tissue reaction to injury casued by a physical or chemical agents, inducing microorganisms symptoms inculde redness tendern
سوڄ- ساڙو يا سڙندڙ حالت
Inflammation
اِن.فِلي.مي.شن
سوزش، ڪنھن زخم يا روڳ سبب ڪنھن ٽشوءَ جي ڳاڙھاڻ، سوڄ، گرم ۽ منجهس سور ھجڻ. جڏھن جسم جا سيل ضربجي پون ٿا ته ماسٽ (mast) سيل ھڪ قسم جو ڪيميائي مادو ھسٽَمين (histamine) ۽ ٻيا مادا خارج ڪن ٿا. ھسٽَمين ضربيل ٽشوئن ڏانھن رت جو وھڪرو وڌائي ڇڏين ٿا ته ان سان گڏ رت نلين کي گهڻو سمندڙ به ڪري ڇڏين ٿا، جنھن سبب پاڻيٺ ٽشوئن ۾ اندر ۽ ٻاھر وھندي رھي ٿي۽ مقامي ھنڌ تي سوڄ پيدا ڪري وجهي ٿي. سور پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ، تنتي پڇڙين جو سوزشي ڪيميائي مادن کي متحرڪ ڪرڻ ٿئي ٿو. عام طور تي سوزش سان گڏ مقامي ھنڌ تي رت جي اڇن سيلن جي انگ ۾ واڌارو به ٿئي ٿو. اھي سيل ڪن به حملي آور روڳي جيوڙن کي ناس ڪرڻ ۽ تباه ٿيل سيلن جي ٺاه ٺوه ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. غيرموزون سوزش (جھڙوڪ: رِيوميٽوائڊ آرٿرائيٽس rheumatoid arthritis ۽ ڪن آٽواِميون autoimmune نقصن ۾) کي ڪورٽيڪوسٽِيروائڊ (corticosteroid) دوائن يا نان اسٽيروائڊل اينٽي ـ انفليميٽري (nonsterroidal anti-inflammatory) دوائن رستي دٻائي سگهجي ٿو.
Related words with: Inflammation
منزل کڻڻ
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal