
Infection, congenital
اِن.في.ڪشن ـ ڪن.جي. ني. ٽل
اھڙو روڳ جيڪو ڳڀيرڻ ۾ يا ڄمڻ دوران ٿي پوي. ڪيترن قسمن جا خوردبيني روڳي جيوڙا، ماءُ مان اؤر رستي واڌ ڪندڙ ابھم جي گردشي سرشتي پھچي سگهن ٿا. ڳڀيرڻ ۾ خاص طور تي جيڪي سنگين روڳ پيدا ٿي پون ٿا انھن ۾ خسرو (rubella)، بادفرنگ (syphilis)، ٽوڪسوپلاسموسس (toxoplasmosis) ۽ سائيٽوميگالووائرس (cytomegalovirus) ٿين ٿا ۽ اھي سڀ، انٽرايوٽيرائين گروٿ رِٽارڊيشن (intrauterine growth retardation) پيدا ڪري سگهن ٿا. جڏھن حمل جي شروعات ۾ روبيلا ۾ مبتلا ٿجي ته ٻوڙائپ (deafness)، پيدائشي دل جي بيماري (heart disease) ۽ اکين جون تڪليفون پيدا ٿي پون ٿيون. ڪجهه روڳ، حمل ۾ اڳتي ھلي ابھم کي خاص طور تي ھرپيز وائرس (herpes virus) جو شديد نقصان پھچائي سگهن ٿا. ايڇ آءِ ويءَ (HIV) ۾ مبتلا عورت حمل دوران پنھنجي ٻار ۾ ان جو وائرس منتقل ڪري سگهي ٿي. جڏھن ته حمل دوران اھڙي خطري کي اينٽي ريٽرووائرل (antiretroviral) دوائن رستي گهٽائي سگهجي ٿو. ويم دوران ٿيندڙ روڳ سدائين خوردبيني روڳي جيوڙا ٿين ٿا جيڪي يا ته ماءُ جي گرڀ ناليءَ جي رتوبتن يا ڳڀيرڻ جي پاڻيٺ ۾ موجود ٿين ٿا. ميمبِرينن (membranes) جو وقت کان اڳ ڦاٽي پوڻ، روڳ خاص طور تي اسٽريپٽوڪوڪل (streptococcal) جي پيدا ٿيندڙ وڌندڙ خطري سان لاڳاپيل ٿئي ٿو. جڏھن ته ويم وقت جن بيمارين ۾ مبتلا ٿي سگهجي ٿو تن ۾ ھرپيز، ڪليميڊيئل (chlamydial) روڳ ۽ پرميل (gonorrhoea) ٿئي ٿو. ڪنھن ٻار جي علاج جو مدار روڳ جي قسم تي ٿئي ٿو. ڪن قسمن جي روڳن سبب پيدا ٿيندڙ پيدائشي نقصن (جھڙوڪ: ڪن قسمن جي دل جا نقص) جو علاج ڪري سگهجي ٿو ته ڪي (جھڙوڪ: پيدائشي ٻوڙاڻ) لاعلاج ٿين ٿا.
ماهه ڪامل
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal