SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Induction of labour

(click word to listen sound
  • 🔊
  • indʌkʃən
  • ɔf
  • leibər
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Induction of labour

ان.ڊڪ.شن ـ آف ـ ليبر

جڏھن حمل برقرار رھڻ سبب ماءُ ۽ ٻار جي صحت خطري ۾ ھجي تڏھن ھٿرادو طريقا استعمال ڪري ويم ڪرائڻ. ويم جا سور پيدا ڪرائڻ جو ھڪ عام سبب ھي به ٿئي ٿو ته حمل، پنھنجي ويم ڪرڻ جو ڪٿيل وقت ٽپي ويو آھي جنھننڪري ھاڻ ويم دوران پيچيدگيون وڌي سگهن ٿيون، ان جا ٻيا سبب پري ـ اڪليمپسيا (pre-eclampsia)، ريوسس انڪامپٽيبلٽي (Rhesus incompatability) يا انٽرايوٽيرائين گروٿ رٽارڊيشن (intrauterine growth retardation) ٿين ٿا.ويم ڪرائڻ لاءِ مختلف ھٿرادو طريقا استعمال ڪجن ٿا جن جو مدار ويم جي سورن جي مرحلي تي ٿئي ٿو جھڙوڪ: ڳھڻ کي کلڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ گرڀ ناليءَ ۾ پروسٽاگلينڊين (prostaglandin) جي نبات (pessary) يا جيل وجهي سگهجي ٿي، ڳھڻ اڳ ۾ ئي کليل ھجڻ جي حالت ۾، جن پڙدن ۾ ابھم ويڙھيل ٿئي ٿو اھي ڦاٽل به ٿي سگهن ٿا يا آڪسيٽاسن (oxytocin) ھارمون، رڳ رستي ھڻي ڳڀيرڻ جي ڀيڪوڙ کي متحرڪ ڪري سگهجي ٿو.


Remember Me Also:

ڌوپ

ذ. ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ ڪاٺ يا پٿر جو تختو ، ڦرهو ، داٻِڙو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal