SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Incontinence, urinary

(click word to listen sound
  • 🔊
  • inkɔntinəns
  • jeərinriː
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Incontinence, urinary

ان.ڪان.ٽي.نينس ـ يورنري

پيشاب جو پنھنجو پاڻ وھي وڃڻ عام طور تي ان جو سبب پيشاب لنگهه (urinary tract) جو ڪو ڌڪ يا بيماري ٿئي ٿي. تنتي سرشتي کي نقصان پھچڻ يا ان جو ڪو نقص به ان جا عام ڪارڻ ٿين ٿا. پيشاب جهلي نه سگهڻ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. اسٽريس انڪانٽينينس (stress incontinence) مان مراد ڪنھن فرد جو کنگهڻ، ڪنھن ڳوريءَ شئي کڻڻ يا گهڻي چرپر ڪرڻ سبب پيشاب جو خارج ٿيڻ ٿئي ٿو. اھو قسم عورتن ۾ عام، خاص طور تي ويم کانپوءَ ٿي پوي ٿو جنھن جو ڪارڻ پيشابي مشڪن جي ڇلي جو انگهجي وڃڻ ٿئي ٿو. ارج انڪانٽينينس (urge incontinence) جنھن کي اريٽيبل بِليڊر (irritable bladder) به سڏجي، تنھن ۾ ترت پيشاب ڪرڻ جي خواھش سان گڏ مثاني کي ڀيڪوڙي ڪنٽرول ڪرڻ جي لياقت نٿي رھي. جنھن سبب ھڪ ڀيرو پيشاب اچڻ شروع ٿي وڃي ته ان کي روڪي نٿو سگهجي. گهڻن ماڻھن ۾ دٻاءَ ۽ خواھش جي انڪانٽينينس ھجي ٿي. مڪمل انڪانٽينينس (total incontinence) ۾، مثاني جي مشڪي وال تي ڪنٽرول نه ھجڻ سبب بلڪل اختيار نٿو رھي، جيڪا ڳالهه مغزي ڏوري جي ضرب سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿي. اوورفلو انڪانٽينينس (overflow incontinence) ڊگهي عرصي تائين پيشاب جهلڻ سبب عام طور تي تڏھن پيدا ٿئي ٿي جڏھن ڪا روڪ پيدا ٿئي ٿي جھڙوڪ: پراسٽيٽ غدود (prostate gland) جو وڌي وڃڻ. ان حالت ۾ مثانو سدائين ڀريل رھي ٿو ۽ منجهانئس پيشاب ڳڙندو رھي ٿو. پيشاب جهلي نه سگهڻ جي حالت تڏھن به پيدا ٿي سگهي ٿي جڏھن پيشاب لنگهه ۾ ڪي نقص ھجن (جھڙوڪ: روڳ، مثاني جون پٿريون يا ڳوڙھيون) يا مثانو يا گرڀ نالي لهي (prolapse) پيئي ھجي. جڏھن پيشاب جهلي سگهڻ تي دماغ ڪنٽرول ڪري نه سگهندو ھجي ته عام طور ته اھا حالت ننڍن نيٽن (ڏسو، enuresis) يا پيرسنن ۽ انھن فردن ۾ ٿي پوي ٿي جن کي سکڻ ۾ تڪليفون ٿين ٿيون. انڪانٽينينس جي علاج جو مدار ان جي قسم ۽ شدت آھر ڪجي ٿو. ممڪن ٿئي ٿو ته ان لاءِ زندگيءَ جي طور طريقن ۾ تبديليون آڻجن (جھڙوڪ گهٽ ڪافي پيئڻ)، پيلڪ فلور ڪسرتون (pelvic floor excercise)، مثاني جي سکيا (bladder training، اھڙا طريقا سکڻ ته جيئن پيشاب ڪرڻ جي خواھش محسوس ڪرڻ ۽ ان جي خارج ڪرڻ جو وقت انگهائي سگهجي ) دوائون يا جڏھن عام طور تي ٻين علاجن سان فائدو ٿي نه سگهي ته آپريشن ان جو حل ٿي سگهي ٿي. جيڪڏھن مثاني جي عام رواجي ڪم کي بحال ڪري نٿو سگهجي ته پوءِ ان جي اپاءَ طور اھڙيون پتلون پائڻيون پون ٿيون، مردن کي آلت تي کوپو چاڙھي ان جي نلڪيءَ کي پيشاب جي ڳوٿريءَ سان ملائي ڇڏڻو پوي ٿو. جڏھن ته ڪي فرد انڪانٽيننس کي ڪن ضروري حالتن ۾ سيلف ڪيٿيٽيرائيزيشن (ڏسو، catheterization, urinary) رستي بچاءُ ڪري سگهن ٿا.


Remember Me Also:

پرلڪان

پر لڪ شهر ۽ ملڪ کان. ”پر لڪان پري ٿئا، جنهه جا ڀتار“ ميون شاهه عنات.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal