
Impetigo
اِم.پي.ٽِ.گو
چمڙيءَ جي ھڪ وچڙندڙ بيماري، ٻارن ۾ گهڻي، عام طور تي منھن تي ٿي پوي ٿي. چمڙيءَ جي ڪنھن ڦاٽل/ چيريل ھنڌ تان بئڪٽيريا (عام طور تي staphylococcal/ streptococcal) جي داخل ٿيڻ سبب ٿي پوي ٿي. چمڙي ڳاڙھي ٿي مٿس ننڍڙا پاڻيٺ سان ڀريل ڦلوڪڻا ظاھر ٿي پون ٿا. ڦلوڪڻا ڦاٽي، ڳرندڙ ھنڌ سڪي، ماکيءَ جي رنگ جھڙا ڇلر پيدا ڪن ٿا. شديد حالتن ۾ منھن ۽ ڳچيءَ جا ڳنر (lymph nodes) سڄي پون ٿا. علاج لاءِ چمڙيءَ کي اينٽيبياٽڪ دوائون ھڻي سگهجن ٿيون پر جي حالت گهڻي وگهريل ھجي ته عام طور تي اينٽيبياٽڪ گوريون استعمال ڪري سگهجن ٿيون. ھن روڳ جي ڦھلجڻ کان بچاءَ لاءِ بوڇڻ، ٽوال، ويھاڻي جون ڇِون ۽ فلانيل ٻين کي استعمال ڪرڻ نه ڏجن. ٻارن کي تيستائين اسڪول وڃڻ يا ٻين ٻارن سان ملڻ جلڻ نه گهرجي جيستائين مڪمل علاج نٿو ٿئين.
پٻو
ذ. صفت. پَٻن تي هلندڙ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal