
اميونولاجي
علم مرض بچاءُ، قوت مدافعت جوعلم
Immunology
اِمُيو.نا.لاجِي
اِميون سرشتي (immune system) سان لاڳاپيل طب جي ھڪ شاخ. جنھن جا ماھر؛ اِميونولاجسٽ (immunologist) اِميون سرشتي جي ڪم ڪرڻ جو اڀياس، بيمارين جي جاچ ۽ علاج ڪن ٿا جن ۾ الرجيون (allergies)، آٽواِميون ڊسئارڊر (autoimmune disorder) ۽ اِميونوڊيفيشنسي ڊسئارڊر (immunodeficiency disorders) جھڙوڪ: ائڊس (AIDS) شامل ٿين ٿا. اِميونولاجسٽ انھن طريقن ڳولهڻ جي به ڪوشش ڪن ٿا جن سان اِميون سرشتي کي متحرڪ ڪري مدافعت (immunity) پيدا ڪري سگهجي. ان سميت انھن جو ٽرانسپلانٽ سرجريءَ ۾ به اھم ڪم ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته اھي جراحي ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪنھن عضوي جي عطيي ڏيندڙ ۽ وٺندڙ جي پاڻ ۾ سٺي ميل ھجڻ جي پڪ ڪن ٿا ۽ عطيي وٺڻ کانپوءِ ان جي اِميون سرشتي کي ھيڻو ڪري ڇڏين ٿا ته جيئن جسم ورتل عضوو جي روت يا پيوند کي رد ڪري نه سگهي.
ڌنڌڪار
ث. اُوندَهه ، ميراڻ. نظر جي گهٽتائي. گهٽ روشنائي. ڌُنڌُ ، ڌُنڌارو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal