SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Immunodeficiency disorders

(click word to listen sound
  • 🔊
  • imjunoudifiʃənsiː
  • disɔːdəz
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Immunodeficiency disorders

اِ.مُيونو.ڊي. فِي. شن. سي ـ ڊس.ئارڊر

اھڙا نقص جن سبب اِميون سرشتو (immune system) بچاءَ ڪرڻ، روڳن کي روڪڻ (infections) ۽ ڳوڙھين (tumours) سان منھن ڏيڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو. جن جا ڪارڻ موروثي يا ڪنھن پيدائشي نقص يا ڪا پرايل (acquired) بيماري ٿي سگهي ٿي. نتيجي ۾ روڳ، دائمي رھن ٿا يا اٿلي پون ٿا، جن ۾ اھڙا روڳي جيوڙا به ٿين ٿا جيڪي عام حالتن ۾ بيماري پيدا نٿا ڪن ۽ ڪينسر (cancer) جي ڪن قسمن جي ھروڀرو پيدا ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي پوي ٿو. اِميونوڊيفيشنسِي ڊسئارڊر ۾ مبتلا رھندڙ فردن کي ٿي پوندڙ روڳن کي ورلي اَپرچُونسٽڪ/ موقعي پرست انفيڪشنَ (opportunistis infections) سڏجي ٿو، جن جي مثالن ۾ نِيوموسِسٽڪ نمونيا (pneumocystic pneumonia)، ڦنگل انفيڪشن (fungal infection) ۽ عام ٿيندڙ ھرپيز سِمپِليڪس (herpes simplex) روڳ ٿين ٿا. پيدائشي يا موروثي نقص ايڊاپٽِو اِميون سرستي جي ٻيانيءَ ھيومورل (humoral) يا سيلولر (cellular) مان ڪنھن مان به پيدا ٿي سگهن ٿا:. ھيومرل سرشتي جي نقصن ۾ شامل ٿين ٿا ھائپوگاماگلوبولِينيميا (hypogammaglobulinaemia) ۽ اَگاماگِلوبولينيمِيا (agammaglobulinaemia). انھن مان پھريون ممڪن آھي ته ڪجهه يا ڪي به نشانيون پيدا ڪري نه سگهي، جنھن جو مدار نقص جي شدت تي ٿئي ٿو جڏھن ته اَگاماگِلوبولينيمِيا موتمار ٿي سگهي ٿو بشرطيڪ ان جو اِميونوگلوبيولِن (immunoglobulin) سان علاج نه ڪجي. ٽي ـ لِمفوسائيٽن جا پيدائشي نقص، ڪينڊيڊياسِس (candidiasis/thrush) جھڙا دائمي ۽ گهڻا پکڙجندڙ مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا. جڏھن ته اِميون سرشتي ۾ ٻنھي ھيومورل ۽ سيلولر حصن جي گڏيل نقص کي سِوِيئر ڪمبائينڊ اِميونوڊيفيشنسي (severe combined immunodeficiency /SCID) سڏجي ٿو ۽ اھا زندگيءَ جي پھرين سال ۾ ئي موتمار ٿي سگهي ٿي بشرطيڪ ان جو علاج اسٽيم سيل (stem cells) يا بون مَئرو (bone marrow) جي پيوندڪاريءَ رستي نه ڪجي.اڪوائرڊ اِميونوڊيفيشنسي يا ته ڪنھن بيماريءَ جي پيدا ٿيڻ دوران (جھڙوڪ ايڇ آءِ وي انفيڪشن سبب ٿيندڙ ائڊس) يا اِميون سرشتي کي نقصان پھچڻ، جنھن جو ڪارڻ دوائن جو ان کي دٻائي ڇڏڻ ٿئي ٿو. شديد ناقص غذا (malnutrition) ۽ ڪيتريون ڪينسر به اِميونوڊيفيشنسِي پيدا ڪن ٿيون. معمولي اِميونوڊيفيشنسي جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ جسم جي اِميون سرشتي جو عمر سان گڏ قدرتي طور تي ڪمزور ٿيڻ ٿئي ٿو.


Remember Me Also:

ڪئنسر

ث. سن. ڪيسَرَ = ڪَئِسَرَ هيڊي رنگ تي خوشبوءَ دار هڪ پسارڪو وکر اڪثر چاشني ٺاهڻ جي ڪم اچي ، ڪَئِسَر.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal