
اميونائيزيشن
ڇوٽڪاري جو عمل، آجپائي
Immunization
اِ.مُيو.نائي.زي.شن
روڳي بيمارين (infectious diseases) کان بچاءَ جي اُپائن طور اِميونٽي (immunity، تحفظ) پيدا ڪرڻ. اِميونائيزيشن ايڪٽِو (active) يا پيسِو (passive) به ٿي سگهي ٿي. پيسِو قسم ۾، رت ۾ اينٽيباڊيون ھڻي ترت پر مختصر مدي لاءِ مخصوص بئڪٽيريا (bacteria)، وائرس (virus) يا ٽاڪسِنس (toxins) خلاف بچاءُ حاصل ڪجي ٿو. ايڪٽو اِميونائيزيشن جنھن کي ويڪسينيشن (vaccination) به سڏجي جسم کي ان ڳالهه ۾ چوڪ ڏئي ٿو ته پنھنجيون اينٽيباڊيون پاڻ پيدا ڪري ديرپا تحفظ پيدا ڪري سگهي. عام طور تي ٻالڪپڻي جا اِميونائيزيشن جا پروگرام موجود ٿين ٿا جن رستي بيمارين جھڙوڪ: خناق (diphtheria)، ڪُزَاز (tetanus)، کرٽيي/ وڏي کنگهه (pertussis)، ھيموفيلس انفلوئينزا ٽائيپ ب (Haemophilus influenza type b/Hib) انفيڪشن ۽ پوليو مايالائيٽس (poliomyelitis)، ارڙي (measles)، مَلِي (mumps) ۽ خسرو (rubella، ڏسو، MMR vaccination)، ميننجائِٽس سي (meningitis C)، نيوموڪوڪس (pneumococcus) ۽ ھيومن پيپيلوماوائرس (human papillomavirus، رڳو ڇوڪرين لاءِ) جي اِميونائيزيشن ڪجي ٿي. جڏھن ته، ڪن ماڻھن لاءِ واڌو اِميونائيزيشن ڪرڻ جي به سفارش ڪري سگهجي ٿي جنھن ۾ انفلوئينزا (influenza) اِميونائيزيشن ۽ بي سي جي ويڪسينيشن (BCG vaccination) شامل ٿئي ٿي. جڏھن ته ڪن قسمن جي اِميونائيزيشن پرڏيھي ملڪن ڏانھن اسھڻ کان اڳ ۾ ڪرائڻ ضروري ٿئي ٿي (ڏسو، travel immunization). ڪيتري اِميونائيزيشن ان جي ڪشن رستي ڪجي ٿي ۽ عام طور تي انھن جا اگرا اثر به پيدا نٿا ٿين. جڏھن ته ڪي ان جي ڪشن ھڻڻ واري ھنڌ تي سور ۽ سوڄ ۽ ھلڪو بخار يا فلوءَ جھڙيون نشانيون پيدا ڪري سگهن ٿيون. انھن جو ورلي ڪو شديد ردعمل پيدا ٿئي ٿو. اِميونوڊيفيشنشي ڊِسئارڊر (immunodeficiency disorder) ۾ مبتلا، وگهريل ڪينسر يا ڪورٽيڪوسٽِيروائڊ (corticosteroid) دوائن جا وڏا وزن واپرائيندڙن کي ڪڏھن به لائيو (live) ويڪسينون نه ڏيڻ گهرجن ۽ ھڻائڻ کان اڳ ۾ طبي صلاح وٺڻ گهرجي. جن کي اڳ ۾ ڪنھن به ويڪسين جو شديد ردعمل پيدا ٿيو ھجي تن کي ساڳي قسم جي ويڪسين ڪرائڻ کان اڳ ۾ پنھنجي ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ گهرجي. ڪي ويڪسين ننڍن ٻارن ۽ حامله عورتن کي نه ھڻڻ گهرجن.
جهر
ث. ڳڻتي ، ڳاراڻو ، جهوري ، غَم ، وهَم ، فِڪرُ ، خيال ، اُلڪو ، شوق ، لاٽَ جِي ڄڀِي ٿ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal