
اِميون سسٽم
جسم جو بچاءَ سرشتو، مدافعتي نظام
Immune system
اِ.مُيون ـ سسٽم
اھڙن سيلن ۽ پروٽينن جو مجموعو جيڪو جسم کي ھاڃيڪار خوردبيني جيوڙن جھڙوڪ: بئڪٽيريا (bacteria)، وائرسن (viruses) ۽ ڦنگي ءَ (fungi) کان بچائي ٿو. ان جو ڪينسر (cancer) کان بچائڻ ۾ به ھڪ ڪردار ھجي ٿو ته اَلرجيءَ (allergy)، ھائپرسِينسيٽِوٽيءَ (hypersensetivity) ۽ آپريشن کانپوءِ پيوند ڪيل عضون (transplant surgery) کي قبول نه ڪرڻ جو به ذميوار ھجي ٿو. اِنَيٽ اِميونٽيءَ (innate immunity) جو مطلب ان قسم جي بچاءَ جو آھي جيڪو پيدائشي موجود ھجي ٿو جھڙوڪ: چمڙيءَ ۽ لعابي استر جو ھجڻ جيڪي وات، نڪ، نڙيءَ، آنڊن ۽ گرڀ ناليءَ ۾ ٿين ٿا. ان ۾ اينٽيباڊيون (antibodies) يا اِميونوگلوبيولِن (immunoglobulin) به ٿين ٿيون جيڪي ماءُ کان ٻار کي منتقل ٿين ٿيون. جڏھن خوردبيني جيوڙا، بچاءَ جا اھي لنگهه ٽپي وڃن ٿا ته رت جي انھن اڇن سيلن سان منھن مقابل ٿين ٿا ۽ فيگوسائيٽَ (phygocytes) سڏجن ٿا. ان سان گڏ اڇن سيلن جا ٻيا قسم جھڙوڪ: قدرتي طور تي سيل ناس ڪندڙ (cytotoxic) انھن کي ھڙپ ڪري ڇڏين ٿا. اھو به ممڪن ٿئي ٿو ته خوردبيني ھاڃيڪار سيلن کي قدرتي طور تي پيدا ٿيندڙ مادن (جھڙوڪ: interferon) يا رت جي اھڙين پروٽينن جي جهڳٽن سان منھن ڏيڻو پوي جن کي ڪامپليمينٽ سسٽم (complement system) سڏجي ٿو جن جو ڪم حملي ڪندڙن خوردبيني جيوڙن کي ناس ڪرڻ ٿئي ٿو.اِميون سرشتي جو ٻيو حصو ايڊاپٽِو اِميونٽي (adaptive immunity) تڏھن فعال ٿئي ٿو جڏھن جسم کي اھڙن روڳي جيوڙن سان منھن ڏيڻو پوي ٿو جيڪي اِنَيٽ بچاءَ جا لڪ لنگهي وڃن ٿا. ايڊاپٽِو اِميون سرشتو خاص طور تي ھر قسم جي حملي آور جاندار سان منھن ڏئي ان کي ياد ڪري ڇڏي ٿو ته جيئن مستقبل ۾ ٿيندڙ حملي جي صورت ۾ ان جي ھڪدم موٽ ڏئي سگهي. سڀ کان اڳ ۾ ايڊاپٽِو اِميون سرشتي لاءِ ضروري ٿئي ٿو ته ڪنھن به حملي آور جاندار يا ڳوڙھيءَ جي سيل جي ڪنھن حصي جي ھڪ اينٽيجين طور (جسم لاءِ ڌارئي پروٽين) شناخت ڪري سگهي. پوءِ ان اينٽيجين کي ٻن مان ڪنھن ھڪ قسم جو جواب يا موٽ ڏني وڃي ٿي جيڪا ھيومورل (humoral) يا سيليولر (cellular) ٿي سگهي ٿي. ھيمورل اِميونٽي، بئڪٽيريا جي بچاءَ لاءِ اھم ٿئي ٿي. شناخت ڪرڻ جي ھڪ پيچيده عمل پوري ڪرڻ کانپوءِ، بي ـ لِمفوسائيٽن جا ڪي قسم واڌ ڪري وسيع انگ ۾ اينٽيباڊيون پيدا ڪن ٿا جيڪي انھن اينٽيجينن کي گهيري ڇڏين ٿيون. جن جاندارن ۾ اھي اينٽيجينون ٿين ٿيون تن کي فيگوسائيٽ (phagocytes) ھڙپ ڪري ڇڏين ٿا. اينٽيباڊيءَ جو اينٽيجين سان چھٽڻ سبب ممڪن ٿئي ٿو ته ڪامپليمينٽ سسٽم (complement system) ڦڙت ٿي فيگوسائيٽن جي قابِليت وڌائي سگهي. سيليُولر اِميونٽي ته خاص طور تي وائرسن، ڪن قسمن جي پئراسائيٽن (parasites) جيڪي پاڻکي سيلن اندر لڪائي ڇڏين ٿا ۽ ممڪن ٿئي ٿو ته ڪينسري سيلن جي بچاءَ لاءِ اھم ٿين ٿا. ان ۾ ٻن قسمن جا ٽي ـ لِمفوسائيٽ (T-lymphocytes) شامل ٿين ٿا: ھيلپر سيل (helper cells) جن جو ڪم اينٽيجينن جي شناخت ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ ٿئي ٿو ۽ ڪلر سيلن (killer cells، ٽي ـ لِمفوسائيٽن جو ٻيو قسم) کي متحرڪ ڪرڻ ۽ انھن سيلن کي تباه ڪرڻ ٿئي ٿو جن تي حملو ڪيو ويو آھي. مدافتي سرشتي جي نقصن ۾ اِميونو ڊيفِيشنسي ڊسئارڊر (immunodeficiency)، آٽواِميون ڊسئارڊر (autoimmune disorder) ۽ اَلرجي شامل ٿين ٿا جنھن سبب اِميون سرشتو عام طور تي بي ضرر اينٽيجينن جھڙوڪ: تخمن لاءِ غيرمناسب موٽ ڏئي ٿو. ڪن حالتن ۾ جھڙوڪ: جڏھن ڪن عضون جي پيوندڪاري ڪجي ٿي ته ان کانپوءِ اِميونوسپريسنٽ (immunosuppressant) دوائن رستي اِميون سرشي کي ھيڻو ڪري ڇڏجي ٿو ته جيئن عطيي طور پيوند ڪيل ٽشوءَ (عضوي) جي ھڪ ڌارئي جاندار طور رد ٿيڻ کي روڪي سگهجي. Immunity (اِ.مُيونٽي) اِميون سرشتي (immune system) جي سرگرمين رستي بيماريءَ کان تحفظ حاصل ڪرڻ. اِنَيٽ اِميونٽي (Innate immunity) پيدائشي طور تي موجود ھجي ٿي ۽ اَڪائرڊ (acquired/adaptive) اِميونٽي، متاثر ڪندڙ يا حملي آور روڳي جيوڙي جي حملي يا اِميونائيزيشن (immunization) رستي حاصل ڪجي ٿي.
ڪسوئاٽ
ث. خراب ٿيل اڌوڙ ، ڪنو اڌوڙ. چمڙي جو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal