SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Imaging techniques

(click word to listen sound
  • 🔊
  • imaging
  • tekniːks
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Imaging techniques

اِميجِنگ ـ ٽيڪنِڪس

اھڙا طريقا جن رستي جسم جي اندرين جوڙجڪ/ عضون جا عڪس ڪڍي سگهجن. انھن ۾ گهڻا عام استعمال ٿيندڙ ۽ سادا طريقا ايڪسريز (X-rays، ھڏن جھڙيون گهاٽيون بناوتون ڏسڻ) ۽ ڪنٽراسٽ ايڪسري (contrast X-ray) آھن جنھن ۾ ڪو به ميڊيم جھڙوڪ: بيريم جيڪو ايڪس ريز لاءِ غيرشفاف ٿئي ٿو جسم ۾ داخل ڪجي ٿو. ڪنٽراسٽ ايڪسري وارن طريقن ۾ بيريم ايڪسري تپاسون شامل ٿين ٿيون (گئسٽرواِنٽسٽائينل ٽريڪٽ چڪاسڻ لاءِ)، ڪوليسِسٽوگرافي (cholecystography، پتيgallbladder ۽ ڪامن بائيل ڊڪٽ common bile duct چڪاسڻ لاءِ)، برونڪوگرافي (bronchography، نڙگهٽ ۽ ڦڦڙن کي ڳنڍيندڙ ھوا لنگهه چڪاسڻ لاءِ)، اينجيوگرافي ۽ وينوگرافي (angiography and venography، رت نلين جا عڪس حاصل ڪرڻ لاءِ)، انٽراوينس يوروگرافي (intravenous urography، بڪيون ۽ پيشاب نلي چڪاسڻ لاءِ) ۽ اِي آر سي پي (ERCP، رستي لب لبه جي نالي ۽ بائلري سرشتو) چڪاسجن ٿا.


Remember Me Also:

منهن ڏيکارڻ

مُنهن ڏيکارَڻُ

شڪل ڏيکارڻ، صورت پَسائڻ. ديدار ڪرائڻ، ملاقات ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal